ڪراچي: سنڌ پوليس جا الائونس وڌايا ويندا. پوليس ۾ نئين ڀرتين لاءِ به رقم مختص ڪئي ويندي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ پوليس جي اهلڪارن ۽ آفيسرن جا الائونسز وڌائڻ لاءِ به تجويزون شامل آهن، جڏهن ته پوليس ۾ نئين ڀرتين لاءِ به نئين مالي سال ۾ رقم مختص ڪئي وئي آهي. پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهلڪارن توڙي آفيسرن جي الائونسز ۾ واڌ واريون تجويزون ڏنيون ويون هيون، جنهن بعد انهن تجويزن تي عمل ڪندي اڄ پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ رقم رکي ويندي.