اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت اپوزيشن ليڊر کي پيش ڪيل بجيٽ تي بحث جو آغاز ڪرڻ نه ڏنو، گوڙ سبب اجلاس ئي ملتوي، حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ اسپيڪر جي موجودگي ۾ ٽن ڪلاڪن تائين هلندڙ ڳالهيون به ناڪام تفصيل موجب11 جون تي ناڻي وزير شوڪت ترين پاران مالي سال 22-2021ع جي بجيٽ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن تي ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ بحث جو آغاز ڪرڻ لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جيئن بجيٽ تي تقرير شروع ڪئي ته پرڏيهي مامرن جو وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ حڪومتي ڌر جا ٻيا ميمبر پنهنجي بينچن تي بيهي رهيا، حڪومتي ميمبرن بجيٽ بڪن سان ڊيسڪون وڄائي گوڙ ۽ نعريبازي شروع ڪري ڏني، حڪومتي ميمبر چور چور جا مسلسل نعرا لڳائيندا رهيا، جڏهن ته وفاقي وزير مراد سعيد به ڊيسڪون وڄائي احتجاج ڪندو رهيو، گوڙ واري حالت ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف تقرير ڪندي چيو ته بجيٽ کي رليف جو سبب هجڻ گهرجي ها پر اها تڪليف ڏيندڙ آهي، جيڪڏهن عوام جو کيسو خالي آهي ته پيش ڪيل بجيٽ جا سڀ انگ اکر جعلي آهن، ڪاش عمران خان جيڪو رياست مدينه جو ذڪر ۽ مثال ڏيندو رهي ٿو اهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن ڏانهن مدد جو هٿ وڌائي ها، بيواهن ۽ يتيمن کان دعائون وٺي ها، پر ائين نه ٿيو، هن چيو ته حڪومت چوي ٿي ته خوشحالي آئي آهي اها ترقي ڪنهن جي ٿي آهي بني گالا جي محلن ۽ حڪومت جي حوارين جي ترقي ٿي آهي، غريبن ماڻهن کي هڪ وقت جي ماني نصيب نه ٿي رهي آهي، شهباز شريف جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرن جو گوڙ جاري رهيو، اسپيڪر هر هر تقرير ٻڌڻ جي هدايت ڪندو رهيو پر حڪومتي ميمبرن هڪ نه ٻڌي جنهن کان پوءِ اسپيڪر اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي تقرير کان روڪيو، ۽ چيو ته حڪومتي ڌر ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جا چيف وهپ پاڻ ۾ ويهن ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌن، جيڪا صورتحال آهي ائين مامرو هلي نه ٿو سگهي، اسپيڪر 20 منٽن لاءِ اجلاس جي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي،جنهن کان پوءِ اسپيڪر چيمبر ۾ اسپيڪر اسد قيصر جي موجودگي ۾ پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، نواز ليگ جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جيڪي لڳ ڀڳ 3 ڪلاڪن تائين جاري رهيون پر ڊيڊ لاڪ برقرار رهيو، ذريعن موجب حڪومتي ڌر مخالف ڌر کان وزيراعظم عمران خان، وفاقي وزيرن جون تقريرون به بنا گوڙ ڪرڻ جي ٻڌڻ جي لکت ۾ گارنٽي گهري ورتي آهي، جيڪا مسلم ليگ (ن) ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسپيڪر اسد قيصر ايوان ۾ واپس اچي اجلاس اڄ يعني اڱاري ڏينهن 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اسپيڪر چيمبر ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ن ليگ جو احسن اقبال، رانا تنوير، سردار اياز صادق، رانا ثناءُ الله، حڪومتي ڌر مان شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، عامر ڏوگر، پ پ پ مان سيد نويد قمر ۽ ٻيا موجود هئا، ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته اها ڳالهه درست آهي ته حڪومت پاران وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزيرن جي بنا گوڙ جي تقرير ٻڌڻ جي مخالف ڌر کان لکت ۾ گارنٽي گهري وئي، پر اسان اهڙي ڪا به لکت ۾ گارنٽي نه ڏينداسين، اپوزيشن ليڊر جي تقرير دوران حڪومتي ڌر پاران ٿيل گوڙ ۽ اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ٿيڻ اها حڪومت ۽ اسپيڪر وچ ۾ طئي ٿيل پلاننگ آهي