ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ سان نا انصافين جو الزام هڻندي چيو آهي ته آئون سنڌ جو سربراهه آهيان، صوبي جي ڳالهه نه ڪندس ته اها زيادتي ٿيندي. آئون جڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪريان ٿو ته هنن کي ڪاوڙ ڇو ٿي اچي؟ نه رڳو مون کي پر سڄي سنڌ کي بدنام ڇو ٿا ڪريو؟ ڪالهه اسان پنهنجي بجيٽ پيش ڪنداسين، صوبائي بجيٽ وفاق جي فنڊن تي دارومدار رکندي آهي، اڪثر ٽيڪس وفاق وصول ڪندو آهي. مونکي اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن اڪانامي بهتر ٿي رهي آهي ته ٽيڪس وڌڻ بدران گھٽجي ڇو رهيا آهن؟ آئون انگ اکر پيش ڪندو آهيان ته هنن کي برو لڳندو آهي. اڃا تائين يارنهن مهينن ۾ اسان کي 5 سئو 98 ارب رپيا مليا آهن، جيڪڏهن اصل ٽارگيٽ تي هلون ها ته هنن کي اسان کي آخري مهيني ۾ 144 ارب رپيا ڏيڻ گھربا هئا. هنن جا ٽيڪس وڌي ويا آهن ته پوءِ اها شرح ڪجھه ٻي هوندي. هڪ صوبي سان توهان 544 ارب جو واعدو ڪيو پر ڏنو ڇا؟ اسان کي ڪورونا وائرس جي ڪري وڌيڪ خرچ ڪرڻا پيا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته اين ايف سي کي يارهن سال ٿي ويا آهن، ان جي اوٽ ۾ ارڙهين ترميم کي نشانو ٿا بڻائين. ٽارگيٽس تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو بس سنڌ تي تنقيد ڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا. اسان کي ٽيڪس اوڳاڙيون ڪرڻ ۾ وڌيڪ موقعا ڏنا وڃن. هن وقت ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙي 17 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سنڌ روينيو بورڊ جي 21 سيڪڙو آهي سنڌ روينيو بورڊ جي شرح ايف بي آر کان بهتر آهي. وڏي وزير چيو ته اين ايف سي لاءِ اسان جي تجويز آهي ته شين تي سيلز ٽيڪس صوبن کي ڏنو وڃي. مون انگن اکرن ۾ غلطي ڪئي هجي ته نشاندهي ڪريو، تسليم ڪري وٺندس. هن چيوته وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو. آئون ٻيهر چوان ٿو ته اسان سان زيادتي ڪئي وئي آهي. اسان کي اهي منصوبا ڏنا ويا آهن جن جي ضرورت ئي نه هئي، اهي واعدا توهان گذريل سال به ڪيا هئا. 9.7 بلين جي بجيٽ گذريل سال به ڏني وئي، ڪو خرچ نه ڪيو ويو. اهي رپيٽ ٿي سگھن ٿا، مون چيو هو ته ان ۾ ڪرپشن جا چانس آهن، خاص طور تي اهڙا منصوبا جيئن نالا يا گھٽين ۾ گٽر جو ڍڪڻ لڳائڻ. منهنجو ڪنهن به صوبي سان اختلاف ناهي. وفاق کي چوان ٿو ته آئين تي عملدرآمد ڪندي صوبن ۾ هڪ جيترو خرچ ڪريو، وڏي وزير وڌيڪ چيوته آئون اعتراض ڪريان ٿو ته ڪو صاحب اٿي چوي ته توهان ڇا ٺاهي ڇڏيو آهي؟ اسان جون ترجيحون ڪهڙيون آهن؟ صوبي کان پڇي ته وٺو. صرف نالن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هي نالن ۾ وهي ويندا، اهو ياد رهندو ته ڪنهن اعتراض ڪيو هو ته وفاقي حڪومت صوبن ۾ ميگا منصوبن جي بدران نالن، گٽرن تي ڪم ڪري رهي آهي. ڇا مون غلط چيو ته ڄامشورو روڊ تي ٽن سالن کان لڳاپيا آهيون. ڪو نئون وڏو روڊ نه پيا ٺاهين. وڏي وزير مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته رڳو هن سال توهان کي 7 سئو42 ارب ڏيڻا آهن، اهو ته اسان جو آئيني حق آهي. ڪو احسان ناهي. 70 سيڪڙو روينيو هن صوبي مان گڏ ڪريو ٿا، ان تي لفاظي ڪري چور ٿا چئي ڇڏيو، بس. غلط آرٽيڪل جو حوالو ڏئي صوبي تي مڙهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، صوبن کي ائين نٿو چٿي سگھجي، جيئن توهان سوچي رهيا آهيو. هن چيو ته منهنجي حساب سان سنڌ جي آبادي ڇهه ڪروڙ 20 لک آهي، گڏيل سيشن گھرائڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. صوبي کي جوائنٽ سيشن گھرائڻ جو حق ڏنو وڃي. اسان پنجاب کي نه پيا چئون ته اهو پاڻي چوري پيو ڪري، منهنجو وفاق ۽ ارسا سان مسئلو آهي ته پاڻي جي ورڇ منصفاڻي نه پئي ٿئي. وڏي وزير موجب سنڌ کي جيڪڏهن پورو پاڻي اچي ها ته 8.82 ملين ايڪٽ فٽ پاڻي ملڻ گھربو هو، پر هنن ٻن مهينن ڏهه ڏينهن ۾ اسان کي 35 سيڪڙو گھٽ پاڻي مليو. هن چيو ته بلوچستان کي به 35 سيڪڙو گھٽ پاڻي ويو، اسان چاهيون ٿا ته جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ آهي ته معاهدي موجب کوٽ کي سمورن صوبن ۾ هڪجيترو ورهايو وڃي. هنن کان جڏهن ڪم نه ٿئي ته ڪنهن ٻئي کي ملوث ڪري ٿا ڇڏين. پاڻي کوٽ جا ذميوار وفاق ۽ ارسا آهن. اسين سي سي آءِ ۾ وياسين ۽ اهو معاملو ٽن چئن سالن کان سي سي آءِ ۾ لٽڪيل آهي. اسان چوري جي ڳالهه ته نه پيا ڪريون، صرف ايترو مطالبوآهي ته کوٽ کي سمورن صوبن ۾ هڪجيترو ورهايو وڃي. هي سياسي اشو ناهي،اهي ارسا جي ويب سائيٽ جا انگ اکر آهن. وڏي وزير چيو ته هڪ ٻيو مسئلو معاشي ٽارچر آهي، سنڌ جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي معاملي تي سنڌ سان نا انصافي ٿي رهي آهي. اسان 2017ع ۾ روزل به ڍاهيا پوءِ به ائين ڪيو ويو، سنڌ پوليس جي باري ۾ ڪجھه چيو ويو. هي شهر سنڌ پوليس جي ڪاوشن ۽ قربانن سان بهتر ٿيو آهي. ڪراچي موسٽ ڊينجرز شهر هوندو هو. توهان شهيدن جي قربانين جي توهين ڪري رهيا آهيون. انهن جي وارثن جي دل تي ڇا گذرندي هوندي؟ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته چيني قونصلخاني تي حملو ٿيو هڪ شخص بلٽ پروف جيڪيٽ پائي اچي ويو هو. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ٿيو، پوليس اهلڪارن قربانيون ڏنيون، اهو صوبو جتي ڪانواءِ کان سواءِ هلي نه سگھندا هئاسين، اتي پوليس رينجرز جي مدد سان امن قائم ڪيو. عمران خان کي ايترو ياد ناهي جيرو مراد علي شاهه ياد آهي. هي چون ٿا ٽف ٽائيم ڏئي ٿو، آئون پنهنجي صوبي لاءِ وڙهان ٿو. ڪراچي کي نظرانداز ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيوته ڪراچي لاءِ فنڊن جي بلڪل کوٽ آهي پر سوين اسڪيمون هن شهر ۾ هلي رهيون آهن. ڪراچي ۾ مافيائون ڪم ڪنديون رهيون، ڪيئن قبضا ڪرايا ويا، ڪراچي کي پنهنجو چوندڙن تي به ذميواري ٿئي ٿي. هن شهر جي حالت ايڏي به خراب ناهي جيتري ٻڌائي پئي وڃي. بحريه ٽائون خلاف احتجاج ۽ ان کانپوءِ گرفتارين بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پر امن احتجاج جي هر ڪنهن کي اجازت آهي، اسان ڪنهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار نه ڪنداسين. ڇهه ماڻهو ڇڏيا ويا آهن، ڪيترائي ماڻهو گرفتار ئي ناهن ٿيا. ڪجھه ماڻهن کي ضمانت وٺي ڇڏيو ويو آهي. اسان هن صورتحال مان فائدو وٺندڙ ماڻهن کي فائدو کڻڻ نه ڏينداسين. منهنجو صرف اهو پيغام آهي ته جيڪڏهن توهان روڊن تي اچي پاڪستان مخالف نعرا هڻندئو ته توهان ۾ ۽ متحدا باني ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته بحريا ٽائون جو پئسو جڏهن ايندو ته ان کي ملير جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪنداسين. سنڌ حڪومت جمهوري حڪمت آهي، اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته عدالت جي آبزرويشن تي ڪمينٽ نه ڪندس. سنڌ جو نظام سنڌ ڪابينا هلائيندي آهي، ڪابينا جي ماڻهن کي سنڌ جو عوام چونڊيندو آهي. وڏي وزير چيو ته فواد چوڌري پاران ڪٺ پتلي وزيراعليٰ چوڻ تي ڏک ناهي، هن جيڪا پوليس جي شهيدن جي توهين ڪئي آهي ان جو ڏک آهي. هن سان پراڻي دوستي به آهي، ان ڪري کيس گھڻو ياد آهيان. وڏي وزير چيو ته ڪورونا ويڪسينيشن بابت جعلي سرٽيفڪيٽن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. ايف آءِ آرون داخل ڪيون وينديون. هن چيو ته عثمان انسنٽيٽيوٽ جي ذميوار جي قتل تي افسوس ٿيو آهي، ملوث ماڻهن کي پڪڙينداسين. سيف سٽي پراجيڪٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي.