ملهه پهلوان غلام حسين پٺاڻ پاران امجد بگٽي سان مقابلي جو نتيجو مڃڻ کان انڪار، کٽڻ جي دعويٰ

0
911

جھول (رپورٽ ممتاز شر) سنڌ جي اڀرندڙ نوجوان ملھه پهلوانن امجد بگٽي ۽ غلام حسين پٺاڻ  وچ ۾  چئلينج مقابلو ٿيو جيڪو مقابلو امجد بگٽي پوئين ملھه غلام حسين پٺاڻ کي دسي کٽي ورتو ، غلام حسين پٺاڻ نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي. ٽن مھينن کان ھڪ ٻئي سان ملھه جو چئلينج ڏيندڙ پهلوانن امجد بگٽي ۽ غلام حسين پٺاڻ وچ ۾ ريلوي گرائونڊ جھول ۾ سوين شوقينن جي موجودگي ۾ مقابلو ٿيو. پھرين ملھ پھلوان غلام حسين پٺاڻ دسي ويو جڏھن ته پوئين ملھ امجد بگٽي ماري. امجد بگٽي  کي پ پ پ اڳواڻ حاجي راڻا عبدالستار راجپوت ، حاجي علي نواز ڪيريو، راڻا راشد علي راجپوت، امير علي ڪيريو روڪ  انعام ، نوٽن جا ھار ۽ ٽرافي ڏني. ٻئي طرف پهلوان غلام حسين پٺاڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مقابلو مون کٽيو آهي پر اعلان امجد بگٽي جو ڪيو ويو آهي هن چيو ته امجد بگٽي سان آيل سٺ ستر ماڻهن جو ڪو ٻيو پلان هيو ٻٽ ٻڌل ماڻھو مون کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيندا رهيا هن چيو ته آئون سنڌ ڄائو آهيان مگر مون کي افغاني ڪوٺي گو افغاني هو جا نعرا هنيا ويا جنهن جو مون کي دلي صدمو پهتو. هن چيو ته جھول وارو مقابلو هڪ وڏي سازش هئي اها سازش رچائيندڙن کي بي نقاب ڪيو وڃي هن چيو ته مونکي جھول شهر ۾ گهرائي منهنجي بي عزتي ڪئي وئي آهي.