سنڌ بئراج، رڳو نقصان ئي نقصان

0
479

2020ع ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو هلي، جنهن ۾ ڪو واپڊا جو اعلى عملدار (ڪجھه حلقن جي چوڻ مطابق چيئرمين) ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي واري علائقي ۾سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بيهي سنڌ جي ماڻهن کي اها خوشخبري ڏئي رهيو هو ته واپڊا طرفان هن هنڌ تي  بئراج ٺاهيو ويندو ۽ انهيءَ بئراج مان ٻنهي پاسي واهه ڪڍيا ويندا، جيڪي هن علائقي ۾ خوشحالي آڻيندا. هن اهو به چيو ته منصوبي جا ٻه مقصد آهن هڪ سمنڊ جي کاڌ کي روڪڻ ۽ ٻيو علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ. انهيءَ سان هن اها به خوشخبري ڏني ته بئراج کان مٿي 160 ڪلو ميٽر ڊگھي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ٺاهي ويندي. چوندا آهن ته ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرنهن. انهيءَ تي عمل ڪندي سنڌ حڪومت هڪدم اعلان ڪيو ته اسان اڳئي اتي ڊيلٽا بئراج ٺاهڻ جو پروگرام ٺاهي ڇڏيو آهي. واپڊا جو سنڌ بئراج ۽ سنڌ حڪومت جو ڊيلٽا بئراج هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. ڇا واپڊا کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو سنڌ جي صلاح مشوري کانسواءِ سنڌ ۾ ڪو منصوبو شروع ڪري سگهي. خاص ڪري 18 هين ترميم کانپوءِ. اهو حق صرف صوبن کي هئڻ گهرجي جو هو پنهنجي مرضي ۽ پسند جا ترقياتي ڪم ڪرائين پر ڇاڪاڻ جو سنڌ کي اڃان تائين ڪالوني سمجهي مرڪز طرفان ان تي حڪم هلايا وڃن ٿا. واپڊا شايد سنڌ جي ايڪو سسٽم، ماحولياتي سسٽم ۽ حسناڪين کي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. 
واپڊا طرفان ٺهيل ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (ايل – بي – او – ڊي) جون تباهڪاريون اسين اکين سان ڏسي چڪا آهيون، انهيءَ منصوبي بدين ضلعي جي ڏاکڻين پاسي جي سرسبز زمين کي غير آباد ۽ تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀريل ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن. ٻئي طرف مين نارا ويلي ڊرين (ايم – اين – وي ڊرين) سنڌ جي خوبصورت ڍنڍ منڇر ۽ ان تي قائم ٻيڙين جي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو. منڇر جا رهائشي روزگار خاطر تربيلا تائين ويا آهن، جتي هنن کي ٻين مسئلن سان گڏ ثقافتي ميل ميلاپ ۾ ڏکايون پيش آهن ۽ هوءَ پنهنجي ثقافت کان ڪٽجي ويا آهن. واپڊا طرفان  شروع ڪيل رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (آر – بي – او – ڊي) 15 ارب روپين کان شروع ڪيل منصوبو چوڻ ۾ اچي پيو ته 75 ارب روپين تي پهچي ويو آهي، پر اڃان اڻ پورو آهي. آر – بي – او – ڊي) ڪافي هنڌن تي ڪچي ۾ سنڌو درياءَ سان گڏ اچي ٿي. چوڻ ۾اچي ٿو ته آر – بي – او – ڊي جو پاڻي ساهدار جيوت جي استعمال جي لائق نه هوندو. جيڪڏهن خدانخواسته  آر – بي – او – ڊي کي ڪچي واري علائقي ۾ گهارو پئجي ويو ۽ خاص ڪري سيوهڻ ۽ ڄامشوري جي وچ ۾ ته اهو، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي بئراج تي آباد لاڙ جي سڀني ضلعن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. ساڳي طرح سنڌ بئراج / ڊيلٽا بئراج منصوبو پڻ، ڄاڻايل منصوبن جيترو خطرناڪ ۽ نقصانده ثابت ٿيندو. اچو ته انهيءَ منصوبي جي جائرو وٺون. 
واپڊا جي چوڻ مطابق سمنڊ کان 40 ڪلوميٽر مٿي ۽ ٺٽي کان 60 ڪلوميٽر هيٺ بئراج ٺاهيو ويندو ۽ انهيءَ بئراج مان ٻه واهه  هڪ ساڄي پاسي ۽ هڪ کاٻي پاسي کان ڪڍيو ويندو. ساڄي پاسي واري واهه ۾ 4000 ڪيوسڪ ۽ کاٻي پاسي واري ۾ 3500 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي سگهه هوندي. کاٻي پاسي وارو واهه  42 ڪلو ميٽر ۽ کاٻي پاسي وارو واهه  50 ڪلو ميٽر ڊگهو هوندو ۽ انهيءَ منصوبي تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو 750 ملين ڊالر چيو پيو وڃي . اهو گڏيل پاڻي 5.4 ملين ايڪڙ فوٽ جي برابر آهي. هن منصوبي جو اهم جز پاڻي آهي. ڇا ڪوٽڙي کان هيٺ ايترو پاڻي آهي جو نئين بئراج مان نڪرندڙ ٻنهي واهن جو پورائو ڪري سگهي. تربيلا ڊيم ٺهڻ کانپوءِ، ارسا، آبپاشي کاتي سنڌ ۽ واپڊا جي رڪارڊ مطابق ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي گهڻو ڪري وڏين ٻوڏن ۾ ويو آهي ۽ ڪي اهڙا سال به آهن جن ۾ پاڻي هڪ ملين ايڪڙ فوٽ کان به گهٽ ويو آهي، اهو پاڻي به خاص ڪري خريف واري مند ۾ وڃي ٿو ۽ ربيع واري مند ۾ اهو پاڻي ٻڙي هوندو آهي. مون اهڙا تفصيل پنهنجي ڪتاب “سنڌ پنجاب پاڻي مامرو” ۾ ڏنا آھن. مشرف دور ۾ پاڻي مسئلي جي حل لاءِ ٺاهيل فني ڪاميٽي جي رپورٽ مطابق سنڌو درياءَ سسٽم ۾ واڌو پاڻي ڪاٽو 0.25 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. انهيءَ مان ثابت آهي ته هن بئراج لاءِ پاڻي موجود نه آهي. واپڊا وارا وري ان جو حل اهو ٿا ٻڌائين ته هو بئراج کان مٿي ايشيا جي وڏي ڍنڍ ٺاهي، ان ۾ پاڻي گڏ ڪري پوءِ ضرورت مطابق واهن ۽ ڊيلٽا کي پاڻي ڏيندا. اچو ته انهيءَ جو جائزو وٺون. بئراج جي مٿئين پاسي ڍنڍ ٺاهڻ جي ڪري حيدرآباد تائين 160 ڪلوميٽر ٻنهي پاسي بندن جي اوچائي وڌائي ويندي. انهيءَ پاڻي گڏ ڪرڻ ڪري ڄامشورو کان بئراج تائين جيڪا ڪچي جي 2 لک ايڪڙن جي ويجهو ايراضي آهي، اها پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ان ۾ ٻيلا ۽ زرعي زمينون پاڻي هيٺ اچي وينديون. ٻيلن ٻڏڻ ڪري جتي درياءَ جو ايڪو تباهه ٿيندو، اتي ماحوليات تي پڻ اثر پوندو ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيلن ۾ مال جو چاري ختم ٿيڻ سان گڏ ٻيلن ۾ جھنگلي جيوت ٻيلن ۾ پکين جي آماجگاهه پڻ ختم ٿي ويندي.ٻيلن ۾ ڪاٺير، ماکي لاهيندڙ ۽ گاھه تي گذر سفر ڪندڙ ماڻهو بيروزگار ٿيندا. ٻئي طرف هڪ لک  جي ويجهو زرعي زمين پاڻي هيٺ اچڻ ڪري علائقي ۾ بک ۽ بيروزگاري ۾ واڌارو ٿيندو، بندن جي اوچائي وڌائڻ ڪري بندن جي آس پاس سجاول، ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد، ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعي جون زمينون سم ۽ ڪلر جون شڪار ٿينديون.
واپڊا جي هن منصوبي جي ڪري جتي ڪيترا نقصان ٿيندا، پر فائدو صرف هڪ ٿيو آهي، جو واپڊا وارن اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ اهو مڃيو آهي ته  سمنڊ کاڌ ڪري پيو ۽ ان جي ڪري هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ کائي ويو آهي. حقيقت ۾ غير جانبدار ماهرن جي چوڻ مطابق هن وقت تائين سمنڊ، ٺٽي، بدين، سجاول ضلعن جي 15 لک ايڪڙ زمين يا ته  ڳڙڪائي ويو آهي، يا وري سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي.
واپڊا وارن سمنڊ کاڌ کي روڪڻ جو حل بئراج اڏڻ ۾ ڪڍيو آهي، جڏهن ته  ملڪي توڙي عالمي ماهرن سمنڊ کاڌ روڪڻ جو حل ڪوٽڙي کان هيٺ هر وقت مخصوص پاڻي ڇڏڻ ۾ ڄاڻائين ٿا. تازو عالمي بينڪ جي آيل رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته  ڊيلٽا ۾ پاڻي نه  اچڻ ڪري پاڪستان کي هر سال 2 ارب ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي، ۽ هنن گهر ڪئي آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڪنهن به حالت ۾ ٻڙي نه هئڻ گهرجي.       
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته  سنڌ بئراج مان نڪرندڙ ٻن واهن لاءِ 5.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي  کپي. 1991ع واري ٺاھه مطابق سنڌ جي گھر 10 ملين ايڪڙ فوٽ آهي ۽ جڏهن ته 2005ع ۾ ڪرايل عالمي اڀياس ۾ 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ جي سفارش ڪيل آهي. جيڪڏهن اسان انهن ٻنهيءَ اسمن کي ملايون ته اهو 13.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٿئي ٿو، جيڪو صرف ٻوڏ وارن سالن ۾ ۽ مخصوص وقت لاءِ ته  ميسر ٿي سگھي ٿو، باقي هر وقت ناممڪن آهي، جڏهن پاڻي نه هوندو ته پوءِ عوام جو ايترو سارو پئسو ضائع ڪرڻ برابر هوندو. 
هن منصوبي جا ڪيترائي اهم پهلو جواب طلب آهن، جن ۾ 
1. سنڌ بئراج، سمنڊ جي کاڌ کي روڪي سگھندو؟
2. سنڌ بئراج علائقي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪندو؟ 
3. هن علائقي جي زمين (Soil) ايڏي وڏي منصوبي لاءِ ڪارگر آهي ڇا اهو جٽادار ثابت ٿيندو؟
4. عالمي ماهرن جي راءِ هن منصوبي جي فائدي ۾ آهي؟
انهن سڀني جا جواب هڪ الڳ مضمون ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.