ميرپورخاص (رپورٽر) سنڌڙي ۾ پاڻي جي مامري تان ٿيل جھيڙي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جون ضمانتون منظور ٿي ويون، ڪجهه ڏينھن اڳ سنڌڙي تعلقي جي ڳوٺ نيا آباد ۾ زرعي پاڻي جي واري تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، انھيءَ ڪيس ۾ گرفتار ايس ايچ او وزير شر جي مائٽن رسول بخش، نظير علي ۽ شاھنواز شر سيشن ڪورٽ ۾ گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ھئي جنھن تي ٻڌڻي دوران ٽنھي جوابدارن جي 20،20 ھزارن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي.