جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت عورت کي اغوا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، خبر موجب جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل يشن جج ذوالفقار علي شيخ جي عدالت عورت نھالان سولنگي کي اغوا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن عاشق علي ۽ برڪت علي کي عمر قيد ۽ ھڪ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ قيد جي سزا ڀوڳيندا، ڪيس ۾ نامزد ٻه جوابدار اياز علي ۽ عبدالرسول روپوش آهن.