خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڌاڙي جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل قطب الدين اوڍو، فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت ٽنڊومستي ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل سيد دينل شاهه ، سيد راشد شاهه، ساڳي عدالت زنا ڪيس ۾ فريادي ۽ سندس گواهن مسمات وسندي، حاجي ولد اڪرم، ٻيڙو خان ولد اڪرم ۽ فرسٽ سول جج جي عدالت چوري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل 4 عورتن مسمات زاهده کوسو، مسمات آمنه کوسو، فرزانه کوسو ۽ مسمات انيلا کوسو خلاف قلم 87/88 جي ڪارروائي ڪندي غيرحاضري تي کين اشتهاري قرار ڏئي سندن مليڪت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.