سنڌڙي ۾ سياسي ۽ پوليس آفيسرن جي سرپرستي ۾ منشيات وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

0
208
سنڌڙي ۾ سياسي ۽ پوليس آفيسرن

سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي ٿاڻي جو جبري طور بدلي ڪيل ايس ايڇ او دلشاد خاصخيلي منشايت فروشن جي سرپرستي سياسي ماڻھن ۽ پوليس آفيسرن بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن.

دلشاد خاصخيلي جو چوڻ آهي ته سنڌڙي ٿاڻي جي حد سامارو موري ۽ ھنڱورنو ۾ سرعام ديسي شراب جو وڪرو ٿيندو آھي، شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ڊي ايس پي سنڌڙي ذوالفقار قائمخاني کان اجازت گھري ته نه ڏني.

ھن چيو آهي ته منشيات فروش ڀونگر مري ۽ ٻين کي ڊي ايس پي سنڌڙي جي سرپرستي حاصل آهي تڏھن سرعام شراب جو وڪرو جاري آھي.

ھن چيو ته منشايت فروشن جي چوڻ تي ڊي ايس پي سنڌڙي ۽ ايم پي اي ذوالفقار شاھ منھنجي بدلي ڪرائي ڇڏي.

واضع رھي ته ھڪ مھيني دوران سنڌڙي ٿاڻي تي ٽن ايس ايڇ اوز کي تبديل ڪيو ويو آهي، هاڻي وري سنڌڙي ٿاڻي تي نئون ايس ايڇ او  عبدالمجيد گرگيز جو آڊر ٿيو آھي، ڏسون ته هو اچي منشيات فروشن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿو ڪري.