فيض گنج ڀرسان نينگر سان اجتماعي بدفعلي جو انڪشاف

0
184

فيض گنج (ن پ ا) پڪا چانگ ڀرسان نينگر سان ٽن جوابدارن پاران مبينا اجتماعي  ڏاڍائي ڪئي وئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ حيدر جي دڙي ۾ 12 ورهين جي حيدر خان پٽ محمد الدين چانگ سان مال چاريندي ٽن جوابدارن مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻايو جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر فيض گنج داخل ڪيو ويو آهي.

 اسپتال عملي پاران نينگر کي داخل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته  نينگر سان گڏ مال چاريندڙ اسد پٽ واحد بخش چانگ پڻ زيادتي جي تصديق ڪندي چيو ته ٽي جوابدار رزاق، وڪيل ۽ اسد چانگ مون کي ٻڌي حيدر خان کي فصل  ۾ زبردستي کڻي ويا ۽ زبردستي اجتماعي ڏاڍائي ڪئي.

متاثر نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس کان ميڊيڪل  ليٽر وٺي  اسپتال آياسين، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.