واڌايون ڏيڻ ۾ تڪڙ نه ڪريو، صبر ڪريو: رميز راجا

0
329

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر رميز راجا چيو آهي ته پي سي بي چيئرمين ٿيڻ تي واڌايون ڏيندڙ تڪڙ ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا بيان ۾ رميز راجا چيو ته اڃا تائين چيئرمين شپ سنڀالي ناهي، مبارڪون ڏيندڙ ڪجهه وڌيڪ ئي تڪڙ ڪري رهيا آهن. رميز راجا لکيو ته نيڪ خواهشن، دعائن ۽ ڀروسو ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته رميز راجا جي چيئرمين پي سي بي طور مقرري جي منظوري 13 سيپٽمبر تي ڏني ويندي.