ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث شروع ٿي ويو، بحث جي پهرين ڏينهن پ پ ميمبرن بجيٽ کي عوام دوست ۽ اپوزيشن وري عوام دشمن قرار ڏنو، اجلاس شروع ٿيندي ئي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ڪنهن احتجاج ڪرڻو آهي ته پريس ڪلب هليا وڃن. هتي ڪنهن کي به سيٽيون وڄائڻ يا نعري بازي ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏيندس، اوهان ايوان جي عزت ڪندو ته آئون سڀني جي عزت ڪندس. ان موقعي تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ايوان ۾ آيل سڀني ميمبرن کي ماسڪ پائڻ گهرجن. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ وفاقي وزير شبلي فراز پهتو، اسپيڪر ۽ ميمبرن سندس آجيان ڪئي، پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي چيو ته اسان پنهنجي پارٽي پاران آيل مهمان وفاقي وزير کي ڀليڪار چئون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ارسا سنڌ کي سندس حصي کان گهٽ پاڻي ڏئي رهي آهي، وفاقي حڪومت ان جو نوٽيس وٺندي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار مالي سال 2021.22 جي عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي، سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيوآهي، هن چيو ته ڪراچي لاءِ 56 ارب رکيا ويا آهن، مليريا ۽ ايڊز لاءِ به بجيٽ رکي وئي آهي، ايس آءِ يوٽي ۽ انڊس لاءَ 2،2 ارب ۽ اين آءِ سي وي ڊي لاءِ 6 ارب رکيا ويا آهن. ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار چيو ته متحده وفاقي وزير شبلي فراز جي سنڌ اسيمبلي اچڻ جي آجيان ڪري ٿي، جي ڊي اي جي ايم پي اي شهر يار مهر چيو ته ايوان ۾ ويٺل ڪنهن به مهمان اڳيان اهڙي ڪا به ڳالھه ڪرڻ نه گهرجي ها، هن چيو ته بجيٽ رپورٽ سمجھه کان ٻاهر آهي، 13 سالن کان سسٽم اتي ئي بيٺل آهي. هن چيو ته وڏي وزير بجيٽ واري ڏينهن تقرير سٺي ڪئي، ڪتابن کانسواءِ ڪٿي به حڪومت نظر نٿي اچي. پوليس ۽ ٽراسپورٽ لاءِ بجيٽ ته رکي وئي آهي پر صوبي جا روڊ رستا تباھ آهن، پوليس ۾ ڪي به سڌارا ناهن آيا، شڪارپور ۾ امن امان تي ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ڪيترن ئي ڏوهاري پوليس آفيسرن کي اسان جي علائقي ۾ رکيو ويو، هن وقت ايس ايس پي تنوير تنيو کي مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو ايماندار آفيسر آهي. هن چيو ته مڪاني کاتو ڪرپشن کانسواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو، پي ٽي آءِ جي سعيد آفريدي چيو ته سنڌ جي روايتي بجيٽ پيش ڪئي وئي. صوبي ۾ صحت لاءِ 172.076 ارب رکياويا آهن پر عوام کي دوا به نٿي ملي، صوبي جي ڪيترن ئي ڊسپينسرين ۾ ڪتا نظر ايندا آهن، ٿر ۾ معصوم ٻارڙا خوراڪ جي گهٽتائي سبب فوت ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جون ڪيتريون ئي ڊسپينسريون موئن جو دڙو ڏيک ڏئي رهيون آهن. هر ڪو ماڻهو گمبٽ نٿو وڃي سگهي. صوبي تي رحم ڪيو وڃي. هن چيو ته صوبي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فرنيچر جي وڏي کوٽ آهي. هٿي مستقبل جي ٻارڙن کي هٿن ۾ قلم ڏيڻ بجاءِ چوپائي مال جا رسا ڏنا پيا وڃن. پ پ جي سريندر ولاسي چيو ته رڳو سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪرڻ سان گڏ پورهيتن جي اجرت 25 هزار ماهوار ڪئي وئي آهي ، هن وڌيڪ چيو ته هتي اپوزيشن ميمبر صرف اداڪاري ڪري سياسي اسڪورنگ پوائنٽ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٿرڪول ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ملڻ گهرجي، پ پ جي سيد اعجاز شاھ چيو ته مخالف ڌر جا ميمبر صرف سکڻيو تقريرون ڪري عوام کي بي وقوف پيا بڻائين. سنڌ ۾ 20، 20ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، سوئي سدرن گئس ۽ اسٽيل ملز مان هزارين ملازمن کي جبري طور تي برطرف ڪيو پيو وڃي، جي ڊي اي جي ايم پي اي عبدالرزاق رهمون جو چوڻ هو ته اپوزيشن ميمبرن کي ڪو ترقياتي فنڊ ناهي مليو، عوام اسان کان پڇاڻو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٿر ۾ پاڻي جو وڏو بحران آهي، 750 آر او پلانٽ بند هجڻ ڪري ٿر واسي کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، مٿان وري آراو پلانٽن جي ملازمن کي 2 سالن کان پگهارون ناهن مليون، هن چيو ته سرڪاري ميمبر ٿر ۾ وڃي فوٽو سيشن ڪرائي ايئرڪنڊيشنر ڪمرن ۾ سمهي پون ٿا، ٿر ڪول ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪرين کان محروم رکيو وڃي ٿو. ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ته پيدا ٿئي ٿي پر ٿر جا ڳوٺ بجلي کان محروم آهن. پ پ ايم پي اي شاھ حسين شاهه شيرازي چيو ته سنڌو درياءُ ۾ مٽي اڏامي رهي آهي . سنڌ جا حلالي پٽ وفاق کان پڇاڻو ڪن ته سنڌ جو پاڻي ڇو چوري ڪيو پيو وڃي؟ پاڻي نه هجڻ سبب ساريالو فصل ڪاهجي نه سگهيو آهي.