ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم )سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي جديد شهر اڏڻ واري منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، ٻيٽن بابت وفاقي سرڪار جَي موقف ۽ عزم ۾ ڪابه لچڪ ناهي آئِي، اسان چاهيون ٿا ته ٻيٽن تي ڪم شروع ڪرائي مڪمل ڪريون سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻيٽن واري منصوبي جو مقصد پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ آهي، اسان ڪو ٻيٽ کڻي نه پيا وڃون، مقامي ماڻهن کي ئِي روزگار ۽ فائدو ملندو، سنڌ سرڪار ٻيٽن واري منصوبي لاءِ پهرين اين او سي ڏني ۽ پوءِ واپس وٺي ڇڏي، اُميد آهي ته سنڌ سرڪار عوام جِي ڀلائي لاءِ وفاقي منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ سهولتڪارِي ڪندِي، هن چيو ته بحريا ٽائون معاملي تي اسين سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون سنڌ حڪومت فيصلو ڪري هو ڪنهن سان گڏ آهي، ان کان اڳ وفاقي وزير شبلي فراز مهمانن جِي گيلري مان سنڌ اسيمبلي جَي اجلاس جِي ڪارروائي به ڏٺي. سنڌ اسيمبلي پهچڻ تي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سندس استقبال ڪيو، وفاقي وزير شبلي فراز پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز سان ملاقات پڻ ڪئي ٻئي طرف وفاقي وزير شبلي فراز پي ايس ڪيو سي اي پهتو، جتي کيس گاڏين جي مينوفيڪچرنگ بابت بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته گاڏين جي سيفٽي کي يقيني بڻايو وڃي، پي ايس ڪيو سي اي ملڪ ۾ 166 مصنوعات کي چيڪ ڪندي آهي، هن چيو ته قومي اسمبلي ۾ جيڪو ٿيو، اهو اسين 90ع جي ڏهاڪي کان ڏسي رهيا آهيون، عوامي نمائندن جي ڪوالٽي (معيار) جو فيصلو ته عوام ئي ڪري ٿو، هڪ پارٽي جي سياسي اڳواڻ کي بچائڻ لاءِ پوري ايوان کي هاءِ جيڪ ڪرڻ مناسب ناهي، اپوزيشن هر اشو تي شور ۽ هنگامي آرائي شروع ڪري ڏيندي آهي، ڇاڪاڻ جو اپوزيشن ۾ شفافيت ۽ اهليت جو فقدان آهي، هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جو بحران آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي، سنڌ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پ پ جي حڪومت رهي آهي پر انهن پاڻي جي بنيادي ضرورت به پوري ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ نه رڳو اشوز اجاگر ڪيا آهن پر اهي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن کان حڪومت ۾ آيا آهيون، جنهن به اداري تي هٿ رکون ٿا ته اهو غير فعال نڪري ٿو، ايندڙ 6 مهينن ۾ پي ايس ڪيو سي اي جي اداري ۾ به بهتري ايندي، حڪومت جو ڪم قانونسازي ڪري انهي تي عمل ڪرائڻ آهي، اسين اهو ئي ڪريون پيا، عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آڻڻ ٿو چاهي ته جيئن اليڪشن ۾ شفافيت ٿئي، اسانجي وزارت کي ٽارگيٽ ڏنو آهي ته پروٽو ٽائيپ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ٺاهي ڏني وڃي