سنجهوري ۾ بيواهه عورت ديا ڀيل جو قتل: هڪ ڀوپي جو ڪردار، اهم انڪشاف

0
522

سنجهوري ۾ بيواهه عورت

جهول (رپورٽر) سنجهورو ۾ بيواهه عورت ديا ڀيل جي وحشياڻي قتل ۾ هڪ ڀوپَي جو ڪردار اهميت اختيار ڪري ويو، پوليس ذريعن موجب جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته مقتوله ديا ڪجهه سال اڳ روپو ڀيل نالي ڀوپَي تي مڙس کي جادوءَ ذريعي مارڻ جا الزام هنيا هئا

ذريعن موجب ديا ڀيل جي الزامن بعد ڀوپو روپو ڀيل ڳوٺ مان لڏي ويو هو، ذريعن موجب واقعي واري ڏينهن روپو ڀيل کي ڳوٺ ۾ ڏٺو ويو هو

پوليس گذريل ڏينهن شڪ جي بنياد تي ڪجهه ڀوپن کي گرفتار ڪيو هو، پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته روپو ڀيل اڃا گرفتار نه ٿي سگهيو آهي

 3 ڏينهن اڳ سفاڪ قاتلن ديا ڀيل جي منڍي ۽ جنسي عضوا ڪٽڻ بعد سندس جسم جي کل به لاهي ڇڏي هئي، وحشياڻي قتل ڪيس ۾ پوليس شڪ جي بنياد تي مقتوله جي ڀاءُ سميت 3 جوابدار گرفتار ڪري چڪي آهي، مقتولا عورت جي ڀيڻ کان به جاچ ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

ظلم جي انتها، سنجهوري ۾ عورت قتل: نازڪ عضوون کي ڪٽي لاش ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جو انڪشاف