ايم ڪيو ايم جي ڌڙن سميت مختلف ڌرين جا اختلاف ختم ڪرائي سنڌ جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو: ڪامران ٽيسوري

0
293

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڌڙن سميت مختلف ڌرين جا اختلاف ختم ڪرائي سنڌ جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو، هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ واري سياست نه ٿيڻ گهرجي

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سيوهڻ شريف ۾ قلندر لعل شهباز جي مزار تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ڌرتي سدائين مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ۽ ميزباني ڪئي آهي

ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، گورنر ڪامران ٽسوري سيوهڻ پهچي قلندر جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا

 

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جي سرگرمين تي رد عمل ڏنو آهي ته ڪراچي جو شهر روشنين جو شهر هو، اسٽيبلشمينٽ کي خيال آيو ته اسان جي به پارٽي هجڻ گهرجي، سمورا غنڊا گڏ ڪري ايم ڪيو ايم ٺاهي وئي

پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته ڏهاڪن تائين باهه ۽ رت جي راند کيڏي وئي، پنهنجي ٽويٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته وڏي مشڪل سان ايم ڪيو ايم مان جان ڇٽي هئي، هاڻي وري تحريڪ انصاف کي روڪڻ لاءِ بارود جو ڍير گڏ ڪري شهر ۾ چراغان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

هي به پڙهندا

ڪي پي ڪي سرڪار گورنر حاجي غلام علي کي گورنر هائوس ۾ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي