پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان لاڙ جي لعل سيد سمن سرڪار جي ميلي ۾ ٽي ڌمال تي به راڳ رنگ جي محفل ٿي ۽ درگاه جي سھن ۾ صوفياڻو راڳ به ٿيو، جنھن ۾ رمضان کنگھر صالح احمداڻي ۽ ٻين لطيف سرڪار جا بيت وايون ڳائي خوب داد حاصل ڪيو، جڏھن ته نالي واري فنڪاره ثريا سومرو، مرحوم عرس چانڊيو جي پٽن راجا عرس ۽ دلبر عرس  محبوب مير جت ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪيو۽ خوب داد صاحل ڪيو ٻي پاسي پنگريو ڀرسان لاڙ جي لعل  سيد سمن سرڪار جي ميلي جي موقع تي ملھ راند جا مقابلا ٻي ڏينھن به جاري رھيا جنھن ۾ پھلوانن نورحسن جٽ نويد جٽ ممتاز پھنور يار محمد مري مصطفا نارو اصغر ھاليپوٽو معشوق مري منظور پٽي  اھجڙيو نوھاڻي لالو لاشاري ملوڪ کوسو غلام حسين پٺاڻ سميت ٻين مختلف داء پيچ کيڏي مخالفن کان مقابلو کٽي ورتو. ميلي ۾ ملھ راند جو فائينل سومر تي ٿيندو، جتي پھرين ٻي ۽ ٽي جوڙ جي ونر پھلوانن کي خاص انعام ڏنا ويندا.