شھدادڪوٽ (رپورٽر ) شھدادڪوٽ ۾ خانگي بئنڪ جي گارڊ نصير احمد سهاڳ جي گرفتاري لاءِ سي آئي اي پوليس ڳوٺ ڪارڙا تي چڙھائي ڪري گارڊ جي ھڪ ڀاءُ فداحسين سھاڳ، ڪار ڊرائيور بشير احمد کوسو، ٽن گارڊن منير احمد، امجد علي ۽ نصرالله  کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد گارڊ جي سالي صدام سومرو جي گهر مٿان چڙهائي ڪئي ۽ پوليس پاران پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي گارڊ نصير احمد سھاڳ جي ڀيڻ زيبا سومرو ۽ سندس مڙس صدام سومرو کي گرفتار ڪري پوليس موبائل ۾ کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڀاتين ۽ شھرين جي سخت احتجاج ۽ مزاحمت ڪرڻ تي سي آءِ اي پوليس زيبا سومرو کي ڇڏي سندس مڙس صدام سومرو کي  گرفتار ڪري کڻي وئي، ان حوالي سان صدام سومرو جي ڀائيٽي نظير احمد سومرو ٻڌايو ته پوليس چاچي جي گهر بنا جواز چڙهائي ڪري چاچي  چاچي زيبا سومرو کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت بعد پوليس   صدام سومرو کي گرفتار ڪري وئي آهي، هنن چيو ته اسان بيگناهه آهيون، انصاف ڪيو وڃي، .ٻئي طرف سي آءِ اي انچارج ھدايت الله بجاراڻي ٻڌايو ته  خانگي بئنڪ جي گارڊ نصيراحمد سھاڳ پاران سکر مان ڪيش کڻي ايندڙ گاڏي مان ھڪ ڪروڙ رپيا چوري ڪري فرار ٿي وڃڻ بعد گارڊ جي جي گرفتاري لاءِ  سندس ڀيڻ جي گهر  ڇاپو ھنيو، ڇاپي دوران بئنڪ جو گارڊ نصير ھٿ نه آيو،  جڏهن ته ٽن گارڊن سميت 6 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جاچ ڪريون پيا.