روهڙي (رپورٽ: نثار چنجڻ) روهڙيءَ ويجهو جهانگڙو ٿاڻي جي حد پراڻي ناري ڀرسان سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ نوجوان جو گهر مان لاش هٿ، قتل يا خودڪشي؟ معاملو ڳجهارت بڻيل. وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بنا لاش دفنائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ نوجوان جي والد محمد حسن شيخ گهرواريءَ سان گڏ دانهيندي صحافين کي ٻڌايو ته سندن پٽ پير ڏنو شيخ جا ساھرا الهوڌايو شيخ ۽ سندس پٽ 2 مھينا اڳ سندس زال نصرت شيخ کي ٻارن سميت وٺي ويا هئا، ان معاملي تان جهيڙو ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس به ھلندڙ ھو. ساهرا اڄ گهر ۾ گهڙي پٽ تي تشدد ڪري کيس ڦاھو ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي واقعي واري هنڌ موجود ايس ايچ او جهانگڙو عبدالحميد مھر جو چوڻ هو ته پھريان نوجوان جي خودڪشي جو اطلاع ميلو ھو. بعد ۾ وارثن نوجوان جي قتل جي اين سي داخل ڪرائي آهي. وارثن لاش بغير پوسٽ مارٽم دفن ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ لاش کي ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌل آهي ۽ تشدد جا نشان ڏيکاريا ويا آهن. پوليس وارثن ۽ علائقي واسين جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد فوتيءَ جي سالي تاجو شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.