وزيراعظم شھباز شريف پاران ٻوڏ متاثرن جو ٻن مھينن جو بجلي جو بل معاف ڪرڻ جو اعلان

0
482

صحبت پور (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم شھباز شريف ٻوڏ متاثرن جو ٻن مھينن جو بجلي جو بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعظم شھباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ متاثر ضلعي صحبتپور جو دورو ڪيو، متاٿرن جي ڪيمپ ۾ قائم اسڪول بھ ويو ۽ ٻارن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي

ان موقعي تي وزيراعظم شھباز شريف ٻوڏ متاثرن جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جو بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو تھ ملڪ ۾ 300 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کان فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز بھ نھ پيا ورتا وڃن

وزيراعظم شھباز شريف کي بلوچستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم شهباز شريف کي چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ ٻين  پاران بريفنگ ۾ چيو ويو تھ حمل ۽ منڇر مان پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب بلوچستان مان پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي، سمنڊ حمل ۽ منڇر ڍنڍن جو پاڻي نه پيو کڻي

Deadly Floods Devastate an Already Fragile Pakistan - The New York Times

وزيراعظم کي صبحت پور جي دوري دوران بريفنگ ڏيندي بلوچستان جي عملدارن چيو ته پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ٻه هفتا لڳي ويندا، وزيراعظم پاران پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب مان مشينري گهرائڻ جي هدايت ڪئي وئي

بلوچستان عوامي پارٽي جي ايم پي اي پاران وزيراعظم آڏو وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي شڪايت، وزيراعظم چيو ته هي وقت سياست ڪرڻ جو نه آهي، سليم کوسو چيو ته سياست نه پيا ڪيون، فقيرن جيان راشن وٺڻو پوي ٿو

ھي به پڙھندا

پنجاب سرڪار سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ خريد ڪيل اٽو کڻي ايندڙ ٽرڪن کي مبينا روڪي ڇڏيو

سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙڻ وارا الزام بي بنياد آهن، اڻڄاڻائي ۾ غلطيون ٿي سگهن ٿيون: وڏو وزير