سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙڻ وارا الزام بي بنياد آهن، اڻڄاڻائي ۾ غلطيون ٿي سگهن ٿيون: وڏو وزير

0
573

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙڻ وارا الزام بي بنياد آهن، اڻڄاڻائي ۾ غلطيون ٿي سگهن ٿيون، ڄاڻي واڻي غلطي جو تصور ئي نٿا ڪري سگهون

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙائڻ بابت ڪنهن وٽ ثبوت آهن پيش ڪري، سنڌ ۾ برسات دوران 30 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي آيو آهي

Pakistan's catastrophic floods, in photos

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته بلوچستان جو پاڻي به ان ۾ شامل ٿي ويو، درياهه جي ساڄي پاسي ڪشمور کان سيوهڻ تائين 7 کان 8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي موجود آهي، سمورو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ 40 ڏينهن لڳي سگهن ٿا

مراد علي شاهه چيو آهي ته شديد گرميءَ ۾ ڇِت کانسواءِ ويٺل متاثرن جي تڪليفن جو احساس آهي، ڪوشش آهي ته متاثرن کي ترت سامان ڏنو وڃي، گئسٽرو جا 5 لک، مليري ۽ ڊينگي جا 6 لک ڪيس ظاهر ٿيا آهن

Photos: Pakistan monsoon flooding death toll tops 1,000 | Floods News | Al Jazeera

سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو  ته مريضن تائين دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، ريلوي ٽريڪ بحال ڪرڻ لاءِ ڪوبه علائقو کي ٻوڙڻ نه ڏنو ويندو، وفاق سان گڏجي ريلوي لائين کي فعال ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

برسات متاثرن جي بحالي  لاءِ 6 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي وڌيڪ 30 ڪروڙ جاري

پنجاب سرڪار سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ خريد ڪيل اٽو کڻي ايندڙ ٽرڪن کي مبينا روڪي ڇڏيو