سماج ۾ سدائين “پُنر جنم” وٺندڙ بي حسي….!

0
120
روڳي سماج ۾ اڻ لڀ ٿي ويل دوائون...!!

عُنوان ۾ جيڪو اصطلاح “پُنر جنم” استعمال ڪيو ويو آهي ان جو مطلب آهي “ٻيهر جنم وٺڻ”. هندو عقيدي موجب انسان جو گهٽ ۾ گهٽ ست دفعا “پُنر جنم” ٿيندو آهي. هندستان ۾ ان موضوع تي گهڻيون ڪهاڻيون به لکيون ويون  ته فلمون به ٺاهيون ويون، (جيڪي اسان ۽ توهان ڪافي دفعا ڏسي به چڪا آهيون..)هاڻي انسان جو پُنر جنم ٿئي يا نه ٿئي اهو هڪ الڳ بحث آهي مگر اها ڳالھه ته طئي آهي ته هتي سدائين ظلم، زيادتي، جبر، ڏاڍ، جهالت ۽ نا انصافيءَ جو“پُنر جنم” ٿيندو رهندو آهي. صدين کان جنهن جو شڪار هتان جو پسمانده ۽ پيڙهيل طبقو رهندو آهي. عجيب تضاد آهي جنهن تَرڪ روايت کي وقت سان گڏ ختم ٿيڻ گهرجي اُها تَرڪ روايت هتي وقت سان گڏ وڌي ويجهي ٿي. ڀلا جي ظلم، جبر ۽ استبداد جو “پُنر جنم” ٿي سگهي ٿو ته نيڪي، سُٺائي ۽ چڱائي جو پُنر جنم ڇو نه ٿو ٿئي؟؟؟ ڳالھه کير وانگي صاف آهي نيڪي، چڱائي ۽ خير به پُنر جنم وٺن ٿا مگر ان کان اڳ انهن جو “ابارشن” ڪرايو وڃي ٿو يا انهن کي “مِس ڪيريج” ڪرايو ٿو وڃي!.. ظلم، زيادتي ۽ ڏهڪاءُ قائم رکڻ هتان جي بي حس سماج جو پراڻو حربو آهي. جنهن سان ئي هن بي حس سماج  ۾ موجود بي حس ماڻهو پنهنجا ڪُڌا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن  ٿا.

بد قسمتي سان اسان اهڙي دور ۾ جيئون پيا جنهن دور ۾ دوکو، دولاب، موقعي پرستي ۽ “ سڀ ڪجھه هوندي ڪنهن جي ڪم نه اچڻ” واري روايت عروج تي آهي. وري سون تي سهاڳو هتي طاقتور کي اقتدار ملڻ جو حِرص ۽ هَوس سرس هئڻ سان گڏ ڪنهن محڪوم جي حق تلفي ڪرڻ معمول جا ڪم آهن. رشوت، ملاوٽ، اقربا پروري ۽ هر قسم جي جرم ۾ سهولتڪاري ڪرڻ مذهبي فريضن کان به مٿي ٿي ويا آهن. مڊل ڪلاس طبقو مٿئين طبقي جي خوشامد، چاپلوسي ۽ چمچاگيري ڪري وڌيڪ “مٿي” وڃڻ جي جتن ۾ لڳو پيو آهي. اهو ئي سچ آهي. هن صديءَ ۾ طبقاتي سوچ ۽ طبقاتي نظام هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي جو ڪنهن مسڪين جا دوست به اُن جهڙا مسڪين ۽ مفلس ئي هجن ٿا. هيٺئين طبقي ۾ روز جا جهيڙا، ساڳيو ڳڀي جي ڳولا ۽ ڳڻتي، روزگار جي پريشاني جي ڪري هي طبقو پنهنجي عزيزن جي شادي غمي توڙي ڏک سک ۾ به شريڪ نه ٿو  ٿي سگهي. سندن سُورن جو اُڀريل سج ساڳين سورن سان ئي الهي وڃي ٿو. کين نه تعليم جي فراهمي، نه صحت ۽ روزگار جي فراهمي، نه سهولتن جي دستيابي، سندن رَت جي اُلٽي بڻجي ويل زندگي سدائين  تيل ڪڙاهيءَ ۾ ڪڙهي رهي آهي.

اڳي ڪو بيروزگار، مهانگائي جو ماريل مفلس ايتري سگھه ته ساري ئي سگهندو هو جو ڪنهن بازار مان بنا ڪجھه خريد ڪرڻ جي گُذري ته ويندو هو مگر هينئر ته غريبن لاءِ اهو به ممڪن ناهي رهيو ۽ ٻئي طرف دولتمند طبقي جي زندگين جي شُغل ۾ ڪو فرق ئي نه ٿو اچي. سندن وٽ مهانگن شهرن توڙي بازارن مان خريداريون ڪرڻ لاءِ ڪا مشڪل ئي ڪانهي. سندن ۽ سندن ٻارن جي سير، سفر ۽ تفريح لاءِ سمنڊ، هوٽلون، پارڪ، جُواءِ لينڊس وغيره چوويھه ئي ڪلاڪ کليل آهن..

غربت سماج جي وڏي ۾ وڏي لعنت آهي، جنهن ۾ غريب سان دوست، احباب، پاڙي وارا ته ڇا پر مائٽ به گڏ ناهن بيهندا. اُلٽو سماج طرفان ان غريب لاءِ نفرت ۽ ڌِڪار پيدا ڪري  سندس زندگي زهر بڻائي ويندي آهي.اسانکي اهو اعتراض هرگز به ناهي ته امير طبقو جنهن بي ايماني، ٺڳي، ڌوڪيبازي، پردي پويان جي ڪمائيءَ سان جيڪا دولت گڏائي آهي اُهي ان تي عيش نه ڪن.. پر خدارا جنهن عوام جي ٻچن جي وات جي گرھه کي به اوهان ٽئڪس جو نالو ڏيئي کسيو آهي سو اُهو حرام جو گرھه پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي وات ۾ ڏيڻ کان اڳ اُن کي سِنگهي ضرور ڏسو ته متان اُن ۾ ڪنهن مظلوم جي رت جي بُوءِ ته ناهي.پر حرام جي مال مان اوهان کي رت جي بُوءِ ڪٿان ايندي. رڳو فريب، رڳو ٺڳي، رڳو ڏيکاءُ، رڳو ڌوڪو، رڳو زماني سازي خدا جو ڪو خوف ناهي. ڀلا ڪجھه اُن مقدس جاءِ جو به خيال رکو جتي هرسال طواف ڪري مخصوص نمازون پڙهي ايندا آهيو. اوهان جو مثال ته اُن ڪانوَ کان به ڪريل آهي جنهن جي باري ۾ مشهور محاورو آهي ته“لولن چيو هو ته اسان حج ڪرڻ وينداسين ته ڪانون چيو هو ته اسان مري وياسين جو توهان حج ڪرڻ ويندا…” اوهان  ڪُرسي ۽ عهدو وٺي به ملڪ جي لُٽ ڦُر ڪريو سو اوهانجي  هر عمل تي حيف آهي.. پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڏينهن رات جهڙو تضاد رکو ته اها خيانت آهي. ڪنهن سياڻي چيو آهي ته سماج کي ايترو نقصان اڻ پڙهيل ماڻهن ناهي پهچايو جيترو پڙهيل لکيل ڪميشن پاس ماڻهن پهچايو آهي! ڪميشن ڪرڻ کانپوءِ به اوهان سياستدانن جي بنگلن جا درٻاري بڻجو ان کان وڏي ته ٻي جهالت ئي ناهي..

ترقي، صفائي، تعليم، علاج ۽ امن امان جي لاءِ آيل فنڊ ڪير ٿو ڳڙڪائي وڃي؟ مسڪينن جي رت ۽ پورهيي تي آيل ٽئڪس تي اوهانکي عياشيون ڪرڻيون آهن.

اوهان ڪهڙي سَياري، ڪهڙي ڌرتي ۽ ڪهڙي دنيا ۾ ٿا رهو. مسڪينن جي لاشن تي اوهانجا محل اڏيل آهن. اوهانجي گهر بنگلي يا فليٽ تائين ڪنهن مسڪين ۽ مجبور جي رسائي ناهي، اوهان جا ڏينهن ۽ راتيون رنگين، زنده دليءَ سان پاڻ جهڙن وڏن ماڻهن سان محفلون ملهائيندي گذرن ٿا. هوڏانهن غريب جي چپن جي مُرڪ بُک، بيماري ۽ افلاس کسي ورتي آهي!مسڪين مُرڪڻ به وساري ويٺا آهن ۽ اوهانجا هر پئگ تي ٽهڪ پڙاڏا بڻجي گونجن ٿا!ڀلا اهو ته ٻڌايو آخر مسڪين جو ڏوھ ڪهڙو آهي؟غريب جو قصور ته ٻڌايو اُن کي جيئري اوجهڙ ۾ ڇو اڇلائي ڇڏيو اٿوءَ.. اُن کي خاندان سميت مستقل غم جو پيالو ڀري ڇو ڏنو ويو آهي؟.. ڇا اُن جو زندگيءَ جي ڪنهن به ٽهڪ ۽ مُرڪ تي ڪوبه حَق ناهي رهيو؟ ڇا رڳو پيڙا، بُک، مفلسي ۽ خاموشي سان ڏک سهڻ اُن جو مقدر آهي؟ ڇا اوهان آسمان تان لاٿا ويا جو زندگيءَ جي هر نعمت ۽ لذت اوهانجي قبضي هيٺ آهي..

هي جيڪا خدا جي خلق آهي سا ايئن بي مقصد پيدا ٿي پئي آهي، نسل درنسل اوهانجي غلامي ۽ اوهانجي اوطاقن جون مَٽيون ڀرڻ لاءِ ڄائي آهي. يقينن هيٺيون طبقو امن پسند ۽ ٿوري تي قناعت ڪرڻ وارو آهي مگر بدقسمتي سان ان طبقي کي اهو ٿورو به نصيب ناهي..

هوڏانهن اوهان پنهنجي بُک ته ڏسو جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي،دولت گڏائڻ جي هَوس ۽ حرص اوهانکي جانور بنائي ڇڏيو آهي، ٻين جا حق کائي کائي اوهان ڦاٽڻ تي آيا آهيو ٻيلي هاڻ مُڙي وڃو.هڪ مسڪين ته ڪنهن لُڍ ڪتي کي به اهڙي حقارت جي نظر سان ناهي ڏسندو جنهن حقارت جي نظر سان اوهان هڪ مسڪين کي ڏسندا آهيو. اوهانجي شاطر ذهنيت جي انتها ته اها آهي جو ان سماجي بي حسي ۽ اڻ برابريءَ کي وراثت سمجهي پنهنجي اولاد ۾ “پُنر جنم”ڏيئي اُن کي زنده رکندا ايندا آهيو.ٻئي پاسي ڏُتڙيلن جي مفلسي ۽ بيوسي سندن گهرن ۾ پئي “پُنر جنم” وٺندي رهندي آهي.

نه ڪم نبريو نه غم نبريو جو نبري ويو سو دم هوندو

پرينءَ سان جو ويو نبري اُهو “پُنر جنم” هوندو..