“مڌيا لوڪا” چولستان جو نوحو

0
266
“مڌيا لوڪا” چولستان جو نوحو

  سرائيڪي پرڳڻي جي صحرائي علائقي چولستان ۾ هن وقت قضا جي موسم هلي رهي آهي .پاڻي جي شديد کوٽ سبب اتي موت جو رقص جاري آهي.هر هنڌ واريءَ جي دڙن تي اڃ وگهي مرندڙ جانورن جا لاش پيا آهن.اهي ئي جانور اتان جي رهواسين جو روزگار ،انهن جي خوراڪ ۽انهن جي زندگي آهن.انسان به پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن.گرمي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب ٿيندڙ بيمارين سب موت ٿي رهيا آهن ماڻهو بک ،اڃ ۽ غربت سبب ٻين علائقن مان لڏپلاڻ به ڪري رهيا آهن.انهي کان پهرين جو اتي ڪو وڏو انساني الميو پيدا ٿئي،اتي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريو وڃي ۽ اقتداري ايوانن کي لوڏيو وڃي.

 چولستان انهي عظيم صحرا جو حصو آهي جنهن ۾ ٿر ۽ راجسٿان به شامل آهي. اهو صحراءِ بند سڏيو وڃي ٿو.هن علائقي جو ذڪر “رامائڻ ” ۾ به آهي ۽ انهي زماني ۾ انهي کي “لونا ساگرا”(Salt ocean)سڏو ويندو هو.جين مت مطابق اهو علائقو “مڌيا لوڪا” يعني ڪائنات جو وچ هو.هاڻي ايئن محسوس ٿو ٿئي ته چولستان مڌيا لوڪا نه بلڪه ڪائنات جو آخري حصو آهي. ڇاڪاڻ ته مڌيا لوڪا ٿر ۽ مڌيا لوڪا راجسٿان گهڻي ترقي ڪري چڪا آهن۽ انهي ترقي جي نالي تي اتان جي مقامي ماڻهن کي بيدخل نه ڪيو ويو آهي .ٿر جا “مارو” ۽ “مارويون” پنهنجي پنهنجي جنم ڀومي سان ڳنڍيل آهن پر چولستان جي جن علائقن ۾ ترقي ٿي آهي ۽ پاڻي آيو آهي اتان جي “روهيلن ” کي بيدخل ڪيو ويو آهي.(چولستان جي رهواسين کي روهيلو چيو ويندو آهي)

اها 2014ع جي ڳالهه آهي.ٿر ۾ خشڪ سالي سبب ڪجهه جانيون هليون ويون انهن موتن کي ميڊيا وڌائي چڙهائي پيش ڪيو جيئن اردو ميڊيا ڪندي آهي.انهي تي ان وقت جو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پنهنجون سڀ مصروفيتون ڇڏي ضلعي ٿرپارڪر جي هيڊڪوارٽر مٺي پهچي ويو هو. اتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اهو سوال ڪيو ته پنجاب جي “صحرائي” علائقي چولستان ۾ سنڌ جي ٿر جهڙي صورتحال ڇو پيدا نه ٿي ٿئي؟ انهي سوال تي سڄو سرائيڪي وسيب رڙي اٿيو هو ۽ ميڊيا جو ڌيان انهي حقيقت ڏانهن ڏياريو هو ته چولستان ۾ ٿر کان وڌيڪ  حالتون خراب آهن.اتي موت وڌيڪ ٿي رهيا آهن.وزيراعظم جي انهي سوال کان ڪجهه عرصو پهريائين پنجاب اسيمبلي جو ميمبر خليل لابر ۽ سندس  دوست چولستان ۾ رستو ڀٽڪڻ ۽ اڃ سبب کرڙيون هڻي هڻي مري ويا هئا.ڪيترن ڏينهن جي ڳولا کانپوءِ انهن جا لاش مليا هئا.اڄ ڪير مسلم ليگ وارن کان پڇي ته سنڌ جي ٿر ۾ چولستان جهڙي صورتحال ڇو پيدا نه ٿي ٿئي؟

مڌيا لوڪا جي سرائيڪي وسيب واري حصي چولستان ۾ هن وقت پاڻي جي شديد کوٽ ٿي آهي. اها انهن نهرن کي بند ڪرڻ سبب ٿي آهي جيڪي چولستان کي پاڻي فراهم ڪنديون آهن.سرائيڪي ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه راشد عزيز ڀٽا پاڻ اتي وڃي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٻڌايو ته “هيڊ قاسم والا”جي مقام تي چولستان جي نهرن کي بند ڪيو ويو آهي چار مهينا پهرين اهي نهرون بند ڪيون ويون هيون. راشد عزيز ڀٽا مطابق انهن نهرن جو پاڻي عرب شيخن،ريٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ پنجابي آبادگارن کي ڏنو پيو وڃي.سرائيڪي وسيب جون تنظيمون چولستان وڃي روهيلن سان گڏ احتجاج ڪري رهيون آهن.ڪراچي مان سرائيڪي تريمت تحريڪ جي سرپرست عابده بتول ۽ سرائيڪي عوامي سنگت جو اڳواڻ عبدالخالق اڇا،ملڪ افضل ۽ ٻيا به چولستان جي دوري تي آهن ۽ احتجاج ڪري حڪومت جو ڌيان  هن مسئلي ڏانهن ڇڪرائي رهيا آهن. وسيب جون ٻيون تنظيمون ،دانشور ،شاعر اديب سڀ گڏجي روهيلن جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن.

هزارين سالن کان تپندڙ صحرا ۾ رهندڙ روهيلن  کي هر سال خشڪ سالي يا پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ هر سال اتي موت جي موسم ايندي آهي۽ ٿر جي مارن وانگر  چولستان جا روهيلا به گرم واريءَ جو ڪفن اوڍي خاموشي سان ابدي ننڊ سمهي پوندا آهن پر اهي پنهنجي وطن کي نه ڇڏيندا آهن. پر هاڻي انهن کي زبردستي بيدخل ڪيو پيو وڃي.مڌيا لوڪا صحراءِ بند(راجسٿان،ٿر ۽ چولستان)پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ قدرتي سرحد آهي.سرحدي علائقو هئڻ ڪري پاڪستاني مڌيا لوڪا جي مارن ۽ روهيلن جي حب الوطني تي رياست پاڪستان سدائين شڪ ڪيو آهي ۽ انهن علائقن کي پوئتي رکي“دفاعي لائين” بڻايو ته جيئن اهو علائقو انساني گذرگاهه نه بڻجي سگهي.انهي ڪري ئي اتي روڊ ۽ ٻيو انفرااسٽرڪچر نه ٺاهيو ويو.اڄ کان ڪو ڏهه سال پهريان نامياري سياستدان عبدالله حسين هارون انڪشاف ڪيو هو ته ٿر ۽ چولستان جي جي سرحدي علائقن ۾ ويڙهاڪن ۽ انتهاپسند گروهن لاءِ زمينون خريد ڪيون پيون وڃن ته جيئن انهن کي اتي آباد ڪري سگهجي۽ پاڪستان کي “محفوظ” بڻائي سگهجي.

عبدالله حسين هارون جي اها ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي رهي آهي .مون ٿر جي سرحدي علائقن ۾ وڏا وڏا ديني مدرسا ڏٺا آهن۽ اهي لڳاتار پکڙجي رهيا آهن.اهڙي طرح چولستان ۾اها صورتحال آهي. چولستان ۾ انتهاپسند گروهن سان گڏوگڏ عرب شيخ ،وچ پنجاب جي آبادڪارن۽ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن کي ڌڙاڌڙ زمينون الاٽ ڪيون پيون وڃن.جتي مقامي آباديون رهجي ويون آهن اتي “ٽوڀا ” سڪي ويا آهن ۽ انهن جي صفائي جي بجيٽ به لاهور ۾ ئي کاڌي ويندي آهي.چولستان ۾ پاڻي جي هڪ پائيپ لائين وڇائي وئي هئي پر انهي ۾ پاڻي ناهي.پمپنگ اسٽيشنز بند پيون آهن.چولستان جا سوين ڪميونٽي اسڪولز بند ڪيا ويا آهن ۽ روهيلن تي زندگي تنگ ڪئي وئي آهي.انهن لاءِ اهي حالتون پيدا ڪيون ويون آهن ته جيڪڏهن اهي بک اڃ ۽ موت سان گڏ اتي رهي سگهن ٿا ته رهن،ٻي صورت ۾ لڏي وڃن ڇاڪاڻ ته انهي سرحدي علائقي ۾ زمينون“محب وطن”ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن. انهن لاءِ پاڻي به آهي ۽ انفرااسٽرڪچر به.ڪائنات جي وچ مڌيا لوڪا چولستان جا روهيلا پنهنجي بقا لاءِ دنيا جي آڏو سوالي آهن.