ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ خان سلمان خان جي فلم راڌي رليز ٿيڻ کان اڳ ئي جهيڙا ڪرائي ڇڏيا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب سلمان خان جي فلم راڌي دي موسٽ وانٽڊ ڀائي تي تڪرار ۾ گلوڪار ميڪا سنگهه به ميدان تي اچي ويو آهي ۽ هن فلم تي تنقيد ڪندڙ ڪمال راشد خان المعروف ڪي آر ڪي کي گڏهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته خبر ناهي ڇو سلمان خان، ڪمال راشد تي ڪيس ڇو نه ڪي؟ واضح رهي ته راشد خان فلم تي سخت تنقيد ڪئي هئي جنهن تي سلمان خان ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر بعد ۾ سندس وڪيلن ان جي ترديد ڪئي هئي.