ڪراچي(شوبز نيوز) ٿوري وقت ۾ وڏي ڪاميابي ماڻيندڙ اداڪارا حرا سومرو چيو آهي ته گهروارن جي خواهش هئي ته سي ايس ايس آفيسر بڻجان. هڪ انٽرويو ۾ سوالن جا جواب ڏيندي حرا سومرو چيو ته قسمت شوبز انڊسٽري ۾ کڻي آئي، مداحن پاران ڀرپور موٽ ملڻ تي خوش آهيان. هن ٻڌايو ته پهرين ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ ماءُ بڻجي چڪي هيس مڪمل عورت هجڻ تي فخر آهي. حرا سمورو چيو ته اسان جي شوبز انڊسٽري جو ماحول انتهائي زبردست آهي انڪري شادي شدا هجڻ سان ڪو فرق نٿو پوي.