ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا ايمن خان جي هم شڪل مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ٽڪ تاڪ اسٽار مناهل حميد جون تصويرون وائرل ٿي ويون، مناهل حميد جي شڪل ايمن خان جهڙي هجڻ تي مداح حيران ٿي ويا آهن جڏهن ته وائرل ٿيل تصويرن ۾ مناهل حميد ۽ ايمن خان کي هڪ جهڙي ڊريس پڻ پهريل آهي جڏهن ته سندس سمورا انداز پڻ ايمن خان جهڙا نظر اچن ٿا.