نيويارڪ(شوبز نيوز) هالي ووڊ ايڪشن ، سنسني ۽ خطرناڪ منظرن سان ڀرپور ، فاسٽ اينڊ فيوريس 9 کي چيني باڪس آفيس ۾ تيزي سان اضافو وڌي ويو. فلم پنهنجي رليز جي صرف هڪ هفتي ۾ 100 ملين کان وڌيڪ بزنس ڪيو. رپورٽ موجب ’فاسٽ اينڊ فيوريس 9‘ ايندڙ مهيني 25 جون تي آمريڪا ۾ رليز ڪئي ويندي. فلم جي تيزي سان ڪاميابي کانپوءِ فلمي بزنيس سان لاڳاپيل ماهرن جو خيال آهي ته فاسٽ اينڊ فيوريس 9 بزنيس جا پراڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي.