سعودي عرب ۾ پهريون روزو 2 اپريل تي ٿيندو

0
322
سعودي عرب ۾

ڪراچي (م ڊ) سعودي ايمريٽس سوسائيٽي جي چيئرمين ۽ عرب يونين فار فلڪيات جي ميمبر ڊاڪٽر الا ابراهيمي الجروان اعلان ڪيو آهي ته سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ پهرين اپريل تي نظر جو امڪان آهي ۽ پهريون روزو ڇنڇر تي 2 اپريل هوندو

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊاڪٽر الا ابراهيمي جو چوڻ آهي ته سعودي عرب سميت اڪثر اسلامي ملڪن ۾ هن تاريخ کان رمضان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي

هن چيو ته رمضان المبارڪ جي شروعات ۾ روزو 13 ڪلاڪ 40 منٽ جو هوندو پر ان جو عرصو 14 ڪلاڪ تائين پهچي ويندو ۽ آخر ۾ روزو 14 ڪلاڪ 20 منٽ جو هوندو

عيدالفطر جي حوالي سان ڊاڪٽر ابراهيمي چيو ته عيدالفطر 2 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي