ڪراچي/ پيرونمل ( نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٿيل ڊوڙ دوران پيرونمل واسي نوجوان فوت، ان ڏس ۾ سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ اميدوارن کان فزيڪل  ٽيسٽ  وٺڻ لاءِ  ڊوڙ دوران نوجوان عبدالمجيد پٽ عبدالعزيز سنگراسي اوچتو ڪري پيو، جنهن کي مرشد اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن دم ڏئي ڇڏيو. نوجوان جي سڃاڻپ ڪارڊ تي موجوده ايڊريس لياقت آباد  ڪراچي ۽ مستقل پتو ڳوٺ عبدالرشيد سنگراسي (پيرونمل سانگهڙ) لکيل آهي. نوجوان جو لاش ضابطي جي ڪارروائي بعد پيرونمل  پهتو، جتي ڪهرام مچي ويو.