ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي ڪمشنر شبِ برات تي مسجدن، امام بارگاهن  ۽ قبرستانن ۾ سيڪيورٽي ۽ صفائي سٿرائي جو پلان جوڙڻ جون ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن. ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورن اسٽيڪ ھولڊرن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي سيڪيورٽي پلان جوڙيو وڃي، قبرستانن ۾ داخلا ۽ ٻاھر نڪرڻ وارن رستن تي پوليس اھلڪار مقرر ڪيا وڃن ته جيئن شھري پنھنجن پيارن جي قبرن تي بنا خوف فاتحه خواني ڪري سگھن. ڪمشنر پاران ڊي ايم سيز اختيارين کي به هدايتون ڪيون ته قبرستانن جي صفائي ۽ روشني جو بندوبست ڪيو وڃي.