سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو

0
497
رمضان المبارڪ جو چنڊ
سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو

رياض: سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ پهريون روزو سڀاڻي 2 اپريل تي ٿيندو

سعودي ميڊيا موجب سعودي عرب جي علائقي حوطه سدير ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سعودي شهر تمير ۾ به چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي ملي. جڏهن ته ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ رمضان جو چنڊ نظر نه آيو، انهن ملڪن ۾ پهريون روزو 3 اپريل تي ٿيندو

عرب ميڊيا موجب برونائي ۾ چنڊ نظر نه آيو آهي ۽ اتي پهريون روزو آچر 3 اپريل تي ٿيندو.امام ڪائونسل سائوٿ آسٽريليا اعلان ڪيو آهي ته آسٽريليا ۾ پهريون روزو 2 اپريل تي ٿيندو.پاڪستان ۾ سڀاڻي رمضان جو چنڊ ڏٺو ويندو.