اسٽيبلشمينٽ ٽي آفرز ڏنيون، عدم اعتماد، استعيفيٰ يا اليڪشن: وزيراعظم عمران خان

0
235
اسٽيبلشمينٽ ٽي آفرز ڏنيون
اسٽيبلشمينٽ ٽي آفرز ڏنيون، عدم اعتماد، استعيفيٰ يا اليڪشن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ بي اعتمادي، استعيفيٰ يا اليڪشن جي آڇ ڪئي هئي

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ترقي پذير ملڪن کي مير جعفر ۽ مير صادق وسيلي ڪنٽرول ڪيو ويو. ملڪ فتح ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اهڙو ماڻهو ويهاري ڇڏيو، جيڪو توهان چئو اهو ڪري، جيڪو ذاتي مفاد لاءِ ملڪي مفاد قربان ڪري ڇڏي

هن چيو ته مون کي آگسٽ کان خبر هئي ته اها راند هلي رهي آهي، لنڊن مان پلاننگ ٿي رهي هئي، ايجنسين کان رپورٽ ملي هئي، فوج خلاف ڪڏهن به نه ڳالهائيندس، پاڪستان کي مضبوط فوج جي ضرورت آهي، جيڪڏهن مضبوط فوج نه هجي. دشمن اسان جا ٽي ٽڪرا ڪري سگهي ٿو، جن ملڪن وٽ مضبوط فوج نه هئي اهي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا، اسان پنهنجي فوج جي ڪري ئي بچيا آهيون

نوازشريف جي حوالي سان عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ کليل نموني فوج کي گهٽ وڌ ڳالهايو، جج خريد ڪرڻ ۽ پلاٽ ڏيڻ، هي سڀ هن شروع ڪيو، هن جي ڪوشش آهي ته اقتدار ۾ اچي، نيب کي ختم ڪري، هي نواز شريف جي نااهلي ختم ڪري نواز شريف کي بحال ڪندا

هن وڌيڪ چيو ته جنرل مشرف پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ اين آر او ڏنو، جيڪڏهن مون کي حڪومت بچائڻي هجي ها ته پهرين ڏينهن ئي اين آر او ڏيان ها، مشرف هنن ڌاڙيلن کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ ايڏو وڏو ظلم ڪيو آهي، حڪومت هلي وڃي، جان وڃي پر ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندس

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ ٽن شين جي آڇ ڪئي آهي، عدم اعتماد جو ووٽ، استعيفيٰ يا اليڪشن پر اسان چيو ته اليڪشن بهترين طريقو آهي، مان استعيفيٰ جو ڪڏهن به سوچي نٿو سگهان