لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي زال مڙس تي فائرنگ، مڙس قتل

0
161
لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي زال مڙس تي فائرنگ، مڙس قتل
لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي زال مڙس تي فائرنگ، مڙس قتل

لاڙڪاڻو (ن پ ا) لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مزدور پڙي هوٽل ويجهو پراڻي تڪرار تان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ حمزو جتوئي واسي موٽر سائيڪل سوار زال مڙس کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا

واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي زخمين کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران 55 ورهين جي محمد نواز جتوئي جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته سندس جي زال زينت خاتون جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

ان موقعي تي مقتول جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو ھمراھ پنهنجي گهرواري سان گڏجي لاڙڪاڻو ڪم سان اچي رهيو هو ته پراڻي تڪرار تان اسان جي برادري جي ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

 

ھي به پڙھندا

 

اسٽيبلشمينٽ ٽي آفرز ڏنيون، عدم اعتماد، استعيفيٰ يا اليڪشن: وزيراعظم عمران خان