سرڪاري ٽي وي جي ميزبان پرڏيهي مھمانن آڏو توهين ڪئي: شعيب اختر جو وڊيو بيان

0
233
سرڪاري ٽي وي جي

ڪراچي: سرڪاري ٽي وي جي لائيو اسپورٽس پروگرام دوران پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي بابت اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جو موقف سامهون آيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ شعيب اختر چيو آهي ته ميزبان ڊاڪٽر نعمان نياز جو رويو برداشت ڪرڻ جوڳو نه هو

پنهنجي وڊيو بيان ۾ شعيب اختر چيو آهي ته لائيو پروگرام دوران نعمان نياز مون کي نڪري وڃڻ لاءِ چيو. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ميزبان ائين ڇو ڪيو. قومي ٽي وي تي هڪ اسٽار جي اهڙي انداز ۾ توهين ڪرڻ مناسب نه آهي. بريڪ وقت مون کي اندازو ٿيو ته پرڏيهين جي سامهون ڪهڙو اميج ويندو، ڊاڪٽر نعمان کي چيو ته ڪنهن نموني معاملي کي ختم ڪيو

اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته معاملي کي ٽارڻ لاءِ مون چيو ته اسان مذاق ڪري رهيا هئاسين ۽ مون ڊاڪٽر نعمان کي چيو ته پنهنجي رويي تي معذرت ڪيو. هن جڏهن معذرت نه ڪئي ته مون شو ڇڏي ڏنو. شعيب اختر چيو ته مون هن معاملي کي پروگرام ۾ ئي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊاڪٽر نعمان منهنجي توهين ڪئي. پرڏيهي اسٽارز ۽ قومي اسٽارز ڇا سوچي رهيا هوندا ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر نعمان معافي نه ورتي، تنهن ڪري مون هن پروگرام مان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪي ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها

ھي به پڙھندا

اسپورٽس پروگرام ۾ ڏند چڪ: ميزبان شعيب اختر کي هلندڙ پروگرام مان ڪڍي ڇڏيو