پيرجوڳوٺ :مڙس پاران زال کي خرچ نه ڏيڻ تان سهرو جيل حوالي

0
214
سهرو جيل حوالي

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) مقامي عدالت مڙس پاران زال کي خرچ نه ڏيڻ تان سهري کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ٻه سال اڳ عورت گل زادي خرچ نه ڏيڻ تي پنهنجي مڙس سڪندر جاگيراڻي خلاف عدالت ۾ درخواست ڏني هئي، عدالت مڙس کي هر مهيني زال کي خرچ ڏيڻ جو فيصلو ٻڌائيندي عورت جي سهري عنايت اﷲ جي ضمانت ورتي هئي

مسلسل خرچ نه ڏيڻ تي عورت جي درخواست تي ڪنگري جي عدالت سهري عنايت اﷲ جاگيراڻي کي جيل موڪلي ڇڏيو، ڪنگري جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عورت گل زادي کي 2 لک 70 هزار جي ادائيگي نه ڪرائڻ تائين عنايت اﷲ کي جيل ۾ رکيو وڃي