ڄامشورو (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ايس ٽي پي پاران ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان، ڄامشورو ضلعي صدر يونس اوٺو، امير مگسي ۽ ٻين ڄامشورو پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينھن اڳ ايس ٽي پي پاران ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوٽڙي پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو هو ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي پڻ ڪيس داخل ڪرايا ويا هئا، ڊي سي آفيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو آڏو 18 مطالبا رکيا جيڪي انتظاميا تسليم ڪيا ميٽنگ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن کي خاطري پڻ ڪرائي وئي ته بنيادي سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، پر ان چارٽر ڊمانڊ جي هڪ نقطي تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ڪوٽڙي سائيٽ جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي مليو آهي، پوري علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، ڪروڙين رپيا بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، ايس ٽي پي پاران هڪ دفعو ٻيهر بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 29 آڪٽوبر کان ضلعي ڄامشورو جي هيڊ ڪوارٽر ۽ تعلقن ۾ بک هڙتال ڪيمپ لڳائڻ جو اعلان ڪري ٿي ۽ ٻئي مرحلي ۾ تعلقن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو آفيس گيٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻو پڻ هنيو ويندو.