ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سجاول ضلعي جي تعلقي جاتي ۽ ڳوٺ اسماعيل ٿھيم جي ناري 23 ورھين جي مسمات عظيمه ڌيءُ مارو ٿھيم ساڳئي ڳوٺ جي رھواسي محمد رمضان پٽ محمد جمن ٿھيم سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي ۽ عدالت ۾ تحفظ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. ان موقعي جي ناري عظيمه ٿھيم صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته منھنجو والد مارو، ڀاءُ صالح ۽ محمد عمر، مير محمد ۽ ٻيا زوري ٻئي شخص سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، مان مرضي سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي، جڏھن ته مائٽاسان ٻنھي کي جان سان مارڻ جون به ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. هنن وس وارن کان تحفظ جو مطالبو ڪيو.