اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي جوابدار يونس قدوائي ۽ ٻين خلاف پلاٽن جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ فرد جرم هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه عدالت ۾ سمورا جوابدار پيش ٿيڻا هئا پر انهن مان ڪجهه جوابدار ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيا، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيوته جيڪڏهن سمورا جوابدار عدالت ۾ موجود نه هوندا ته انهن خلاف گرفتاري جوڳا وارنٽ جاري ڪنداسين، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.