سکر (بيورو رپورٽ) اليڪشن ٽربيونل سکر جي جسٽس فهيم احمد صديقي چئن اميدوارن جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، اليڪشن ٽربيونل سکر وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي خلاف اعجاز جکراڻي جي درخواست جي ٻڌڻي 3 مئي تائين پيپلز پارٽي جي اميدوار بلاول ڀٽو زرداري جي سيڪريٽري جميل سومرو طرفان جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم عباسي خلاف درخواست تي ٻڌڻي 24 مئي، صوبائي وزير امتياز شيخ خلاف پي ٽي آءِ اميدوار آغا تيمور جي درخواست تي ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آھي، جڏھن ته جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر خلاف پيپلز پارٽي جي اميدوار ذوالفقار ڪماري طرفان داخل ڪرايل درخواست تي اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آھي، درخواست گذارن طرفان ڪامياب اميدوارن مٿان عام چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جو الزام لڳايو ويو ھو.