خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ صادق ڪانهر جي رهواسي صدرالدين ڪانهر جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي وڏا ماڇيون ۽ پيرڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته وڏا ماڇيون ڀرسان رهندڙ اعجاز علي سولنگي وٽ ناحق باندي بڻايل پيرسن مسمات منظوران زال صدرالدين ڪانهر کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.