سجاول جوڻيجو ڀرسان ٻوڏ متاثرن جو واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

0
233

سجاول جوڻيجو (رپورٽر) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ لقمان بروهي آدم گوپانگ جي ٻوڏ متاثرن جو احتجاج،  روڊ تي رڪاوٽون وجهي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھنيو ويو

مظاهرين عبدالنبي مغيري، گاجي بروهي الهداد گوپانگ ٻين چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪار خيرمين آفتاب احمد گوپانگ اسان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهيPakistan Flooding Surges, Threatening Sindh Province - The New York Times

ھنن چيو تھ اسان جي ڳوٺن ۾، برسات جو پاڻي بيهجي ويو آهي چار ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، اسان روڊ تي بي يارو مددگار ويٺل رهيا آھيون هن وقت تائين راشن ٽينٽ نه ڏنا ويا آهن

 اسان اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪار ۽ چيئرمين کي دانهن باوجود ڪجهه نه، ڪيو اسان سيشن جج قمبر کي اپيل آهي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو وڃي سڀاڻي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي عالمي امداد وٺڻ لاءِ روڪيو ويو، اهو روڪيل پاڻي سنڌ واسين لاءِ ائٽم بم ٿيندو پيو وڃي

حيدرآباد: ڪئمپن ۾ 90 ڄڻن کي ڊائريا ۽ 15ڄڻن کي مليريا جي تصديق