سامارو (ن پ ا) سامارو تعلقي جي يوسي پڌريو فارم مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ رليف نه ملڻ خلاف ڳوٺ حيدر کوسو جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، متاثرن وزير علي، عطاءُ الله کوسو، عامر حسين ۽ ٻين چيو ته ٻه مهينا گذري وڃڻ باوجود اسان جي ڳوٺن جي متاثرن کي ڪجهه ناهي مليو، هنن چيو ته 2 سئو کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيل آهن، هن وقت تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي، هنن پاڻي نيڪال ڪري واهر ڪرڻ جي گهر ڪئي.