ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سوئي سدرن گيس ڪمپني پنهنجي الڳ ڪمپني کولي ڇڏي، ايس ايس جي سي پاران الٽرنيٽ انرجي جي نالي سان انهي اداري کي ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت رجسٽرڊ پڻ ڪرايو آهي، ان حوالي سان سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گيس جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي انهي ڪمپني جو بنياد وڌو ويو آهي، جنهن جو مقصد متبادل توانائي جي منصوبن جهڙوڪ بايو گيس، بايو ميٿين ۽ ٿرمل انرجي مان بجلي پيدا ڪرڻ، ڪوئلي مان گيس جي پيداوار۽ هائيڊروجن جي پيداوار شامل آهن، اهي منصوبا مستقبل ۾ توانائي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ گهربل هوندا، جڏهن ته ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ سميت توانائي جي ٻين منصوبن کي به انهي ڪمپني ۾ شامل ڪيو ويندو.