لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني ۾غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽڻ دوران سيپڪو ملازمن ۽ شهري ۾ منهن ماري ٿي.پوليس پهچي ٻن ڄڻن نويد شاھ ۽ رحيم داد جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو، لائين سپرنٽينڊنٽ اسد الله ابڙو جي فرياد تي 15 جوابدارن نويد شاھ، مسعود کهاوڙ، رحيم داد جتوئي، زاهد سومرو، پرويز اهير ۽ 10 اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو .لائين سپرنٽينڊنٽ اسد الله ابڙو ٻڌايو ته غيرقانوني ڪنيشن ڪاٽا ڪيا ته اسان مٿان حملو ڪيو ويو.