سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ صابو ڪلھوڙو وٽ سم شاخ کي لڳل گهارو بند نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن غلام سرور ڀٽو، سيف الله گوپانگ، عبدالرسول گوپانگ احتجاج ڪندي چيو ته 2 مھينن کان سم شاخ کي لڳل گهارو بند ناهي ٿي سگهيو، پاڻي اسان جا گھر ۽ فصل تباھ ڪري ڇڏيا آهن، ايريگيشن ۽ اسڪارپ ڊرينيج ڊويزن لاڙڪاڻو جي عملدارن وٽ دانھيو ۽ احتجاج ڪيا پر کڙ تيل نه نڪتو، گھارا بند ڪرائي زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.