زوال پذير سياست جي ڪهاڻي

0
321

ملڪ جي موجوده سياسي ڇڪتاڻ ماضيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ملڪي معاملن کي درست رخ ۾ هلائڻ دراصل سياستدانن جو ئي ڪم آهي. سٺا بااصول سياستدان پيدا ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽيون بنياد نرسري جو ڪردار ادا ڪنديون آهن جتي سياسي ذهن رکندڙ نوجوان ڪائونسل جي چونڊن ۾ حصو وٺي سياسي پروش پائي صوبائي ۽ قومي سطح جي سياست ۾ پير پائيندا آهن. انهي عرصي دوران سندن سياسي تربيت ٿيندي رهندي آهي. سياست به خالص ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل فيلڊ آهي. هر ڪوئي لئي مان لٺ ڀڃي سياستدان نٿو ٿي سگهي. سياست ۾ برداشت ۽ مخالف جي اعتراضن جو دليلن ۽ خنده پيشاني سان جواب ڏيڻ جو حوصلو هجڻ ضروري آهي. عوام پاران آزاد ۽ درست نموني سان چونڊن ۾ اڪثريت ماڻيندڙ پارٽي حڪومت ٺاهيندي آهي ته ٻي ڌر مخالف جماعت جو ڪردار ادا ڪندي آهي. حڪومتي جماعت يا مخالف ڌر ٻئي عوام جون چونڊيل جماعتون هونديون آهن ۽ عوام جي نمائندگي ڪنديون آهن. رڳو هڪ پارٽي کي ڪجهه اڪثريت آهي ان ڪري اها حڪومت ۾ آهي ۽ ٻي ان سان گڏ ملڪي معاملن جي نگران آهي. ٻئي جماعتون دراصل ملڪي معاملا درست سمت ۾ هلائڻ لاءِ برابري جو ڪردار ادا ڪنديون آهن. مخالف ڌر حڪومتي جماعت جي پروگرامن ۽ پلاننگ تي نظر رکي سندس اصلاح لاءِ ڪوشان هوندي آهي. هي ٻه جماعتون هڪٻئي جون دشمن نه پر هڪ گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن. رڳو هنن جي ذميداري  الڳ الڳ آهي پر ان جو اصل مقصد ساڳيو آهي.پر بدقمستي سان هينئر اسان جي ملڪ ۾ حڪومتي جماعت ۽ مخالف ڌر هڪٻئي جا ذاتي دشمن ٿي ويا آهن. هن وقت سياسي ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تي پهچي چڪي آهي جيڪا ملڪي مفادن خلاف ذاتي جنگ ۾ تبديل ٿي وئي آهي. سياست ۾ اها سوچ اوچتو نه آئي آهي پر ڪجهه وقت کان غلط رستي تي هلندي هينئر نهايت خطرناڪ موڙ تي پهتي آهي. قائد اعظم جي وفات ۽ لياقت علي خان جي شهادت بعد ست اٺ سال سياست اٿل پٿل جو شڪار رهي جنهن جي نتيجي ۾ جنرل ايوب خان جو مارشل لا ۽ بعد ۾ صدارتي نظام آيو. ڊڪٽيٽر جي انهي دور ۾ به سندس ڀاءُ سردار بهادر اسيمبلي ۾ چوندو هو “هر شاخ په الو بيٺا هي انجام گلستان ڪيا هوگا”. عبدالحميد خان جتوئي حڪومت جي ڪنوينشن ليگ ۾ هوندي سنڌ جي مامرن تي ايوب خان جي حڪومت خلاف ڀرپور شڪايت ڪئي جنهن تي کيس پارٽي مان ڪڍڻ جو نوٽس ڏنو ويو. ٻئي ڏينهن اسيمبلي ۾پارٽي جي جنرل سيڪريٽري کيس پارٽي مان نيڪالي ۽ اسيمبلي ميمبر جي سيٽ تان هٽائڻ جو اعلان ڪيو ته سڀ بنگالي ميمبر اٿي بيٺا ۽ چيائون ته جيڪڏهن سچ ڳالهائڻ تي عبدالحميد خان جتوئي کي پارٽي کان خارج ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ اسان سڀ بنگالي ميمبر پارٽي کان خارج ٿي رهيا آهيون. جنهن بعد عبدالحميد خان جي جان آزاد ٿي. ان وقت هڪ سخت ڊڪٽيٽر جي دور ۾ به نه رڳو مخالف ڌر جي اطمينان ۽ سڪون سان تنقيد ٻڌي ويندي هئي پر پنهنجي پارٽي جي باضمير اختلاف رکندڙ ميمبرن جي راءِ کي به مڃتا ڏني ويندي هئي. مان ايم اين اي هاسٽل ۾ رهندو هوس ۽ وفاقي وزارت تعليم ۾ آفيسر طور ڪم ڪندو هوس. اڪثر بنگالي ميمبرن سان گڏ پيادل پراڻي اسيمبلي ۾ ويندو هوس. اجلاس ۾ بنگالي ۽ بلوچي ميمبر پنهنجي حڪومت جي غلطين تي تنقيد ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا ۽ سندن اها تنقيد ٻڌي به ويندي هئي ۽ ان تي عمل پيرا ٿيڻ جا حڪم به جاري ٿيندا هئا پر موجوده حڪومت جي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ اليڪشن ڪميسن جي رولز ۽ اختيارات ۾ تبديلي، مشين ذريعي ايندڙ چونڊون ڪرائڻ، اوور سيز کي چونڊن ۾ شريڪ ڪرڻ انٽرنيٽ ذريعي اي ووٽنگ جهڙا اهم معاملا به جيڪي شايد رڳو تحريڪ انصاف جي مفاد ۾ آهن. انهن تي مخالف ڌر کي نه ٻڌڻ ۽ پوري طرح بحث مباحثو نه ڪرائڻ ۾ جمهوريت جي ڪيتري خدمت آهي اهو عوام آڏو ظاهر آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اسيمبلي ۾ اڪثريت هوندي پاڪستان جي آئين تي مهينن جا مهينا بحث هليو ۽ تمام پارٽين جي اتفاق راءِ سان آئين جو مسودو پاس ٿيو.
ويا سي وينجهار هيرو لال ونڌين جي
تنين سندا پويان اڄ سسئي لهن نه سار
ڪٽن ڪٽ لوهار هاڻي انهيءَ ڀيڻيسن (شاهه)
قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جا ڪيترا اجلاس ڏٺا. ميمبرن ۾ برداشت ڪرڻ ۽ سچ ٻڌڻ جو حوصلو هوندو/ڏسو صفحو 2 بقايا 01
هو. تنقيد ۾ به شائسگي شامل هوندي هئي. اختلافي دنگل به اخلاقي حدن اندر هوندو هو. ان وقت جا اسيمبلي ميمبر وڏي مان ۽ وقار وارا هئا. گندي يا غلاظت واري زبان استعمال نه ٿيندي هئي. مزاح ۽ طعني تنڪي ۾ معيار هوندو هو. پارليامينٽ پنهنجي اصل ڪم، قانون سازي ۾ رڌل هوندي هئي. ميمبرن جون معياري تقريرون ٻڌي دل خوش ٿي ويندي هئي.
مون سي ڏٺا ماءِ جنين ڏٺو پرين کي (شاهه)
 هينئر اسان جون اسيمبليون هنگامن ۽ جهڳڙن جو منظر پيش ڪن ٿيون. ميمبر هڪٻئي کي صبر ۽ شائستگي سان ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن ته نه وري مقرر حضرات پاڻ اخلاقي دائرن اندر رهي تقرير ڪرڻ گهرن ٿا. رڳو هڪ ٻئي تي ذاتي حملا، ڪرپشن، رشوت ، چور چور جا نعرا لڳن ٿا. حڪومت وٽ اهڙن وزيرن مشيرن ۽ ترجمانن جو وڏو مان آهي جيڪي مخالف ڌر کي وڌ مان وڌ غلط ۽ نفرت واري زبان ۾ ياد ڪري سگهن. حڪومتي ڪاروبار ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن کان وڌيڪ ٻاهران آيل اڻ چونڊيل ميمبرن جو اثر رسوخ آهي. قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ واقعن بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ هلندڙ جهڳڙن سبب قومي اهم معاملن تي نه ضروري بحث ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري اتفاق راءِ سان قانون سازي جو سوچيو ٿو وڃي. حالانڪه حڪومت جو فرض آهي ته اسيمبليون شائستگي  ۽ سڪون سان ڪم ڪنديون رهن جنهن لاءِ حڪومتي ميمبرن تي وڌيڪ ذميداري آهي پر ان سان گڏ مخالف ڌر کي به پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي. هي قوم جا چونڊيل نمائندا آهن. قوم جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ سندس ذميداري آهي. ڌرين جي منفي روين بابت رياست کي نقصان برداشت ڪرڻو ٿو پوي. اسان جي ٽي وي پروگرامن ۾ اينڪر حضرات مخالف پارٽين جا ميمبر ويهاري ڪڪڙ ويڙهائڻ واري کيل ۾ شامل آهن جنهن جي ڪري نه رڳو اسيمبلي ميمبرن ۾ هڪٻئي خلاف نفرت جا جذبا اڀرن ٿا پر ان جو اثر عوام تي به پوي ٿو جتي عام ڪچهرين ۾ مختلف پارٽين جا ورڪر يا چاهت رکندڙ هڪٻئي سان ڳنڍجي پون ٿا. هن نفرت واري سياست کي وڌيڪ هٿي تڏهن ملي جڏهن بينظير وزيراعظم جي حيثيت ۾ پنجاب جو دورو ڪندي هئي ته ان وقت پنجاب جو وزيراعليٰ نه سندس آجيان ڪندو هو ته نه وري ملاقات ڪرڻ ايندو هو. جڏهن سياست قومي خدمت ۽ عبادت جي مقام کان هٽي ذاتي مفادن جي ورچڙهي وڃي ٿي ته پوءِ لوٽا ۽ بي اصول مفاد پرست انسان سياستدانن جو لباس پهري سياست ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. جن وٽ نه پارٽي اصولن جي پاسداري آهي نه وري پارٽي منشور جي پرواهه آهي. سمگلر بليڪ ميلر مفادپرست ۽ موقعي پرست مافيا يا دولتمند ۽ ڪارخانيدار واپاري حڪومت ۾ اچڻ لاءِ سياست جو سهارو وٺي پنهنجن ذاتي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. هن دور ۾ اهڙن  ئي مفاد پرستن جو مان آهي يا جيڪو ڪوڙ هڻڻ تهمتون لڳائڻ ۽ مخالف ڌر کي گاريون گند ڏئي بدنام ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هجي يا داداگيري جو درجو رکندڙ هجي.
اگهيو ڪائو ڪچ ماڻهن موٽ ٿي
پئي پايو سچ آڇيندي لڄ مران (شاهه)
موجوده دور ۾ وزيرن مشيرن معاونن حڪومتي ترجمانن ۽ اسيمبلي ميمبرن مان ڪجهه جون خصيص حرڪتون ڏسي ۽ نازيبا گفتگو ٻڌي گردن شرم کان جهڪي وڃي ٿي ۽ اسان جي ويهه ڪروڙ مان چونڊ ٿيل هنن هزار کن ماڻهن جو اهو حال آهي ته باقي جو ڇا حشر هوندو!!؟
اچو سورن واريون ڪريون سور پچار
ڪن گهڻا ڪن ٿورا ناهي ڪا سورن ڌار
جيڪي ڏنا ڏاتار آئون جهول پائي جهليندياس