جاپان ۾ بيمار رانديڪن جي علاج لاءِ انوکي اسپتال، ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو به مقرر

0
341

اوساڪا (دلچسپ نيوز) جاپان ۾ بيمار رانديڪن جي علاج لاءِ انوکي اسپتال، ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو به مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان جي شهر ٽويناڪا ۾ هڪ منفرد اسپتال هڪ دلچسپ ڪم شروع ڪيو آهي، جتي ٻارن جي بيمار رانديڪن جو علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ علاج بعد رانديڪو بلڪل نئين حالت ۾ مالڪ کي واپس ڪيو وڃي ٿو، جيئن ٻار انهي رانديڪي کي ڏسي خوش ٿين.موفو وفو لينڊ اين نويئگورومي هيلٿ ڪارپوريشن موفووفو ڪائي پلش اسپتال خاص طور تي بيمار نرم نازڪ رانديڪن جو علاج ڪن ٿا.ڏٺو وڃي ته ٻين قسمن جي رانديڪن برعڪس نرم نازڪ رانديڪا استعمال جي ڪجهه عرصي کان پوءِ خراب ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ ٻارن کي اهو محسوس ٿيندو آهي ته اهو رانديڪو هاڻي بيمار ٿي ويو آهي، گهڻا ٻار پنهنجي رانديڪي سان ايتري ته محبت ڪندا آهن جو رانديڪي کي خراب ٿيندي ڏسي پاڻ مايوس ۽ بيمار ٿيو پون. بيمار رانديڪن جي اسپتال ۾ رانديڪن جي مرمت ڪندڙ سرجن ڪم ڪن ٿا.جڏهن به ڪنهن رانديڪي کي ڄاڻايل اسپتال پهچايو وڃي ٿو ته سڀ کان پهرين انهي رانديڪي جي ائين ئي چڪاس ڪئي ويندي آهي جيئن انسانن جي اسپتال ۾ هڪ بيمار کي چڪاسيو ويندو آهي. اهوسڄو عمل ٻار جي سامهون ڪيو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ رانديڪي کي اسپتال ۾ داخل ڪيوويندو آهي ۽ آپريشن جي تاريخ پڻ ڏني ويندي آهي.آپريشن دوران رانديڪي کي باقاعده اسٽريچر تي کڻي آپريشن ٿيٽر نيو وڃي ٿو. جنهن کان پوءِ آپريش وارو ڪمرو بند ڪيو ويندو آهي. جنهن کان پوءِ رانديڪن جا ڊاڪٽر رانديڪي جي آپريشن ڪن ٿا ۽ رانديڪي جو جيڪو حصو خراب هوندو آهي اهو حصو نئون هڻي رانديڪي کي بلڪل نئين رانديڪي جيان ڪيو ويندو آهي.اسپتال انتطاميا موجب ننڍا ٻار پنهنجي رانديڪي سان تمام گهڻي محبت ڪن ٿا ۽ پنهنجي رانديڪي کي صحتياب ڏسي تمام گهڻو خوش ٿين ٿا ۽ ائين اهو هڪ ڪاروبار جو سلسلو به تمام سٺو آهي.