زمبابوي خلاف ٻي ٽيسٽ: قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم 13 رانديگرن کي فائنل ڪري ڇڏيو

0
382

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ اڄ رٿيل ٽيسٽ ميچز بابت چوڻ آهي ته ٻي ٽيسٽ لاءِ 13 رانديگرن جي چونڊ ڪري ورتي آهي. بابر اعظم ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان ۽ زمبابوي سيريز بابت ڳالهائيندي چيو ته ٻي ٽيسٽ کان اڳ وڪيٽ ڏسي فائنل اليون جو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته ورچوئل پريس ڪانفرنس چيو ته ٻي ٽيسٽ جي 13 رڪني ٽيم ۾ عابد علي، عمران بٽ، اظهر علي، فواد عالم، محمد رضوان، فهيم اشرف، حسن علي، شاهين شاهه شامل هوندا. بابر اعظم چيو ته تاپش خان، نعمان علي، ساجد خان ۽ حارث رئوف به 13 ميمبرز ۾ شامل آهن. بابر اعظم چيو ته پاڪستان ٽيم شڪست کان ڊنل ناهي پهريان چار کان پنج تبديلون نٿان ڪري سگهون، فهيم اشرف ثابت ڪيو ته هو پرفيڪٽ آل رائونڊر آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ هو ته ون ڊي، ٽي ٽوئنٽي ۾ مڊل آرڊر ۾ تبديلين جي ضروت آهي.