ٽنڊو ڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سڪيورٽي آفيسر زرعي تحقيقي اداري جي ڪوارٽر تان قبضو ختم نه ڪيو،سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سڪيورٽي آفيسر اشرف رستماڻي کي ڊي جي ريسرچ نور محمد بلوچ پاران پنهنجي ئي ملازم کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ بعد غيرقانوني طريقي سان ويهاري ويو هو، ملازمن جي احتجاج بعد ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ ڪواٽر خالي ڪرڻ لاءِ لکت ۾ کيس نوٺيس جاري ڪيا ويا، مهينو گذرڻ باوجود اشرف رستماڻي ڪوارٽر خالي نه ڪيو، جنهن تي ڊي جي ريسرچ کيس منٿون ڪرڻ لڳو آهي، ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته ڊي جي ريسرچ الاٽ مينٽ ڪميٽي کي ھدايتون ڪيون آهن ته سڪيورٽي آفيسر مٿان ڪيس داخل ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ ٽنڊو ڄام پوليس پاران زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد مري سان به ملاقات ڪري پنهنجي يونيورسٽي جي آفيسر کان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي، اشرف رستماڻي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد مري جي به ھدايتن کي به نہ کنگھيو، رابطو ڪرڻ تي الاٽ مينٽ ڪميٽي جي چيئرمين عثمان شر چيو ته پوليس سان رابطي ۾ آهيون جلد ڪواٽر خالي ڪرايو ويندو، زرعي يونيورسٽي جي سڪيورٽي آفيسر ڊي جي ريسرچ کي لکت ۾ ڏنل جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته مون وٽ اوهان جو ڪو به ڪوارٽر قبضي هيٺ ناهي، سنڌ زرعي تحقيق ادري جي ملازمن تنظيم پاران ڪواٽر تان قبضو خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ زرعي يونيورسٽي جي خالي پيل ڪوارٽرن تي قبضو ڪرڻ جو فيلصو ڪيو ويو آهي، پنهنجي اخبار پاران اشرف رستماڻي سان موقف وٺڻ لاءِ رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.