مورو(ن پ ا) مورو شهر جي گچيرو روڊ جي رهواسڻ بيواهه عورت ارباب خاتون ڪلهوڙو سندس نياڻي سونيا ڪلهوڙو ۽ حاجي غلام النبي ڪلهوڙو سان گڏ مورو پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سرڪش ڏوهاري ماڻهن سان گڏجي منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان کي غريب بي پهچ سمجهي اسان جي نياڻي سونيا کي گهران زبردستي اغوا ڪري کڻي وڃي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ زبردستي شادي ڪرڻ جو چيو انڪار تي چار ڏينهن قيد ڪري ڇڏيو بعد ۾ هو موقعو وٺي اتان نڪري آئي جنھن بعد اسان مورو ٿاڻي تي آياسين جوابدارن جي گرفتاري ۽ اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو پر ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوهاري ماڻهن کي قانوني گرفت ۾ آندو وڃي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.