زارا فلسطينين خلاف ڦوٽو شوٽ تي معافي وٺي ڇڏي

0
73
زارا فلسطينين خلاف ڦوٽو شوٽ تي معافي وٺي ڇڏي
زارا فلسطينين خلاف ڦوٽو شوٽ تي معافي وٺي ڇڏي

دبئي(شوبز نيوز) انٽرنيشنل فيشن برانڊ زارا  فلسطينين خلاف ڦوٽو شوٽ تي معافي وٺي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي جاري بائيڪاٽ مهم بعد فيشن برانڊ زارا معافي وٺي ڇڏي آهي

سندس چوڻ آهي ته منهنجي اشتهاري مهم سان مداحن جي دل آزاري ٿي آهي ان تي آئون نه رڳو مداحن کان پر فلسطينين کان به معافي وٺان ٿي

زارا  چيو ته سندس نئين ڪليڪشن جولائي ۾ تيار ٿي هئي ۽ ان جو ڦوٽو شوٽ سيپٽمبر ۾ ٿيو هن چيو ته مون اهي تصويرون سوشل ميڊيا تان هٽائي ڇڏيون آهن

واضح رهي ته انٽرنيشنل برانڊ زارا جي نئين ڦوٽو شوٽ ۾ معصوم فلسطينين جو مذاق اڏايو ويو هو زارا اڇي رنگ جي ڪپڙن ۾ ويڙهيل لاش جو مجسمو پنهنجي ڪلهن تي رکي ڦوٽو شوٽ ڪرايو هو